نادرا چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت وفاقي حڪومت جي اپيل منظور ڪري ورتي، جسٽس چوڌري محمد اقبال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اپيل تي فيصلو ٻڌايو،  وفاقي حڪومت سنگل بينچ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو، سنگل بينچ نادرا چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.

  1. ون ڊش جي ڀڃڪڙي تي مريم نواز ڪاوڙجي پئي، ڏنڊ جي هدايت

لاهور (م ڊ) شادي تقريبن ۾ ون ڊش پابندي بابت وڏو حڪم اچي ويو، وزيراعليٰ مريم نواز ون ڊش پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ون ڊش جي ڀڃڪڙي جي واقعن تي مريم نواز ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنرن کي ون ڊش جي پابندي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون، اها پابندي فارم هائوسز ۽ پرائيويٽ پراپرٽي ۾ شادي تقريبن تي به لاڳو ٿيندي، مريم نواز انتظاميا کي ون ڊش پابندي جي مانيٽرنگ ۽ ڀڃڪڙي تي ڏنڊ هڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ون ڊش جي ڀڃڪڙي سان سگهه نه رکندڙ والدين تي بار پوندو آهي، هن چيو ته شادي ۾ هڪ کان وڌيڪ ڊش سان ناڪاري سماجي اثر سامهون ايندا آهن، انتظاميا ون ڊش جي پابندي هر صورت ۾ يقيني بڻائي، ڀڃڪڙي تي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کي ذميوار سمجهيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.