ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، واٽر ڪارپوريشن جي ٽينڪر مالڪن هڙتال ڪري ڇڏي آهي، ٽينڪر مالڪن جو چوڻ آهي ته واٽر ڪارپوريشن جا 5 ٽينڪر ساڙڻ تي احتجاج ڪندي ٽينڪر بند ڪري ڇڏيا آهن،جيل چورنگي ڀرسان 5 واٽر ٽينڪر ساڙي وڃڻ کانپوءِ واٽر ڪارپوريشن هڙتال ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ واٽر ٽينڪرز کي هيوي ٽريفڪ جي آمد رفت جي دوران ڪجهه ڪلاڪن جي ڇوٽ ڏني آهي، ڇو ته شهرين کي 24 ڪلاڪ پاڻي فراهم ڪرڻو پوندو آهي، ان جي باوجود ٽريفڪ پوليس اهلڪار اسان کي تنگ ڪري هنڌ هنڌ تي روڪين ٿا،واٽر ڪارپوريشن جي ٽينڪرز مالڪن چيو ته ڪراچي ۾ اسان به پريشان ۽ خوفزده آهيون، اسان جا ٽينڪر ساڙيا پيا وڃن، جيل چورنگي ڀرسان واٽر ڪارپوريشن جا 5 ٽينڪر ساڙڻ خلاف احتجاج ڪندي ٽينڪر بند ڪري ڇڏيا آهن.