نواب شاهه/ نوشهروفیروز( رپورٽ:عتيق الرحمان وسطڙو+ ايم بي چانڊيو) جي ڊي اي جي مرڪزي رهنما ۽ اين پي پي جي سربراھ غلام مرتضيٰ جتوئي جي ضمانت منظور نه ٿي ۽ کيس ڊسٽرڪٽ جيل نوشهرو فيروز منتقل ڪيو ويو، جتان کيس اسپتال داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. غلام مرتضيٰ جتوئي کي هٿڪڙيون لڳائي دهشتگرد ٽوڙ عدالت آندو ويو جتي جج مصباح ڦلپوٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان ٻڌڻي کان اڳ ئي ڪورٽ ٻاهران هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا ۽ پڊعيدن روڊ کي ڪافي ڪلاڪن تائين سخت سيڪيورٽي سبب بند ڪيو ويو هو، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران پوليس ڏوڪري ۽ باڊھ ٿاڻن تي به 2 ڪيس ظاهر ڪيا .عدالت مرتضيٰ جتوئي کي جيل ڪسٽڊي ڪندي ٻيهر 20 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان پوءِ کيس بڪتر بند گاڏي ۾ جيل منتقل ڪيو ويو. هڪ ڏينهن مرتضيٰ جتوئي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ نوشهرو فيروز مان پوليس گرفتار ڪري اي سيڪشن ٿاڻي نوابشاهه حوالي ڪيو هو جتان کيس هٿڪڙين ۾ جڏهن عدالت آندو ويو ته جج هٿڪڙيون کولرائي پوليس کي تنبيهه ڪئي ته ٻيهر هٿڪڙيون نه لڳايون وڃن. مرتضيٰ جتوئي جي ڪيس جي پيروي سکر جي وڪيل مهجبين، ڪراچي جي وڪيل راشد جتوئي، مورو جي عبداللّٰه ڪورائي ۽ گلزار علي عالماڻي ڪئي جڏهن ته پوليس جي وڪالت ایاز حسین مري ڪئي. مسرور احمد خان جتوئي، عاقب خان جتوئي ۽ عبداللّٰه ڪورائي چيو ته جيل ۽ هٿڪڙيون اسان کي جهڪائي نٿيون سگهن. عدالت ۾ شڪارپور جو سردار عابد خان جتوئي، شاهنواز جتوئي، بلال جتوئي ۽ راضي خان جتوئي پڻ موجود هو. نوشھروفيروز عدالت ٻاهران گرفتار ٿيل جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي کي گذريل رات بي سيڪشن ٿاڻي نوابشاهه تي رکيو ويو هو اڄ صبح بي سيڪشن ٿاڻي تان نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاء ڊي ايس پي سٽي نوشهروفيروز قلندر بخش سومرو جي اڳواڻي 30 کان وڌيڪ پوليس موبائيل سان سخت سيڪيورٽي ۾ نيو ويو ڊي ايس پي سٽي نوشهروفيروز قلندر بخش سومري صحافين ذوالفقار خاصخيلي اڪرم چانڊيو امداد مغيري ڪاشف ابڙو ۽ تي الرون ڪيون ڌڪا ڏنا ۽ موقف وٺڻ نه ڏنو . مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته اهڙي بدمست ڊي ايس کي هٽايو وڃي.