حادثن کي لساني يا سياسي رنگ نه ڏنو وڃي، وڳوڙي گرفتار ٿيندا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي، اسان ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. چاهيون ٿا ته هي شهر ترقي ڪري، گذريل ڏينھن واري حادثي جي ذميوار ٽينڪر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ 15 وڳوڙين کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.اھڙيون ڳالھيون ھن گذريل ڏينھن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد فاروق ستار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيون. ان کان اڳ  روڊ حادثن بابت هڪ  اجلاس جي صدارت سينئر صوبائي وزيرر شرجيل ميمڻ ڪئي.  اجلاس ۾ سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ٽرانسپورٽ کاتي جو سيڪريٽري اسد ضامن، سي سي پي او جاويد عالم اوڍو، ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه پڻ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي،  اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد، جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق پڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٽرانسپورٽرن جي طرفان لياقت محسود، سردار عبدالحميد، غلام محمد آفريدي، الحاج يوسف خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سڀني سياسي پارٽين جو هڪ تفصيلي اجلاس ٿيو آھي، ٽرانسپورٽرن جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي آھي.شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنهن به ٽئين ڌر کي ڪنهن به سياسي پارٽي يا ٽرانسپورٽر جي بيان جو فائدو نه وٺڻ گهرجي، جيڪو امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ گھري ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر ڪيترائي ملڪ دشمن عنصر موجود آهن، جڏھن ته ملڪ جا ادارا هر شيءِ جي نگراني ڪري رهيا آهن، پر اھي شرپسند هميشه موقعن جي تلاش ۾ هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي به ته ان کي لساني، سياسي يا ڪو ٻيو رنگ نه ڏنو ويندو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ 5 کان 6 پاڻي جا ٽينڪر ساڙيا ويا، گذريل ڏينھن حادثي جي ذميوار ٽينڪر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته باهه لڳائڻ وارن شرپسند 15 ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو ته ڪراچي جا شهري حادثن جو بي رحمي سان شڪار ٿي رھيا آھن هي ڪو سياسي يا انتظامي مسئلو ناهي، پر هڪ انساني مسئلو آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت اڳ ۾ نوٽيس وٺي ها ته ڪيتريون ئي شيون بھتر ٿي سگهجن ها. ھن چيو ته ڪراچي جا 100 کان وڌيڪ شهري حادثن ۾ فوت ٿيا آھن، ان حوالي سان حڪومت کي پنهنجي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. فاروق ستار چيو ته انگ اکر سامهون ايندا ته ڊرائيور ڪهڙي حالت ۾ گاڏي هلائيندا آهن، ڇا اهي نشي ۾ ھوندا آهن يا نه، ڇا انهن وٽ لائسنس آهي يا نه. جماعت اسلامي ڪراچي جي نائب امير مسلم پرويز چيو تھ  اسان مطالبو ڪيو آهي ته جن ماڻهن پنهنجون جانيون وڃائيون انهن کي ھڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو وڃي،    عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو ته حادثا ٻين شهرن ۾ به ٿين ٿا، مسئلي جو حل تلاش ڪرڻ گھرجي. ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي صدر چيو ته  ڪراچي ۾ حادثن جا ذميوار صرف ڊمپر نه آهن، پر ٻيون گاڏيون به ذميوار آهن، اسين ٽيڪس ڏيون ٿا، اسين مافيا نه آهيون. قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.