ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( نمائندن وٽان )سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن برطرفي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي، ان حوالي سان دادو ۾ روشن مل اوڏ، ميڊم صغران عباسي، علي اصغر شاھ، بشير ڪوريجو، محمد مٺل کوسو، ذوالفقار علي جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن سکر ۾ آل پاڪستان نيشنل ورڪرز يونين سي بي اي پاران مرڪزي نائب صدر عبدالقيوم ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب جي سامهون احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، ميرپور خاص ۾ ملازمن پاران اسٽيشن چوڪ کان ميرپوخاص پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن محمد حسن، گلزار علي، علي ڏنو، ۽ ٻين چيو ته يوٽيليٽي اسٽور ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ملازم وڏي عرصي کان ڪم ڪري رهيا آهن جن کي وفاقي حڪومت هڪ ليٽر ذرريعي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي حڪومت جي اھڙي عمل سان 3 هزار خاندان متاثر ٿي رهيا آهن . ٻئي پاسي نوابشاهه ۾ به ملازمن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته حڪومت وقت جي طرفان رائيٽ سائيزنگ ۽ ري اسٽرڪچينگ جي بنياد تي ڪانٽريڪٽر ۽ ڊيلي ويجز جي ملازمن کي اداري مان فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي عمل ڪندي 15 فيبروري 2025 تي تقريبن 3000 هزار ملازمن جيڪي ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندا هئا انهن کي فارغ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي ملازمن وفاقي حڪومت کي اپيل ڪندي چيو ته برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪيو وڃي ۽ اداري کي هلايو وڃي ته جيئن غريب عوام کي سستو ۽ معياري کاڌي پيتي جو سامان مهيا ٿي سگهي.