اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان ۾ کنڊ جي اگهه ۾ گذريل ٻن هفتن دوران زبردست اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ کنڊ جو پرچون اگهه 165 کان 170 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ملڪ ۾ کنڊ جو پرچون اگهه 130 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو هو. فيبروري جي مهيني ۾ ان جي قيمت ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ان جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو آهي. موجوده حڪومت جون کان آڪٽوبر 2024 دوران 750 هزار ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. پوءِ آخري ڀيرو آڪٽوبر 2024 ۾ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. پاڪستان ۾ ڪموڊٽي سيڪٽر جي ماهرن موجب کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جو وڏو سبب رمضان کان اڳ کنڊ جي ڪاروبار ۾ دلال ۽ سٽي بازن جو ڪردار آهي جنهن سان ملون وڌيڪ منافعو ڪمائين ٿيون.