مهانگائي گهٽ ٿيڻ جا دعويدار مون سان گڏ بازارن ۾ هلن:عمر ايوب

اسلام آباد( ڊ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني نه  هجڻ سبب سيڙپڪاري زيرو آهي، ڪهڙي معيشت هلي رهي آهي؟اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته حڪومت جو جيڪو ماڻهو چوي ته مهانگائي گهٽ ٿي آهي،مون سان گڏ بازارن ۾ هلي،عدليه کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندوهن چيو ته حڪومت جي سمورن وزيرن کي چئلينج ٿو ڪريان ته هو مون سان مهانگائي جي معاملي تي بحث ڪن، بجلي، اٽو، گئس، کنڊ، هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي وئي آهي، سلمان اڪرم راجا چيو ته جيڪي ملڪ کي متحد ڪري سگهيا هئا اهي ٽوڙي ويا، 8 فيبروري تي بربريت ڪئي وئي، پٽن چونڊن بابت ڇرڪائيندڙ رپورٽ جاري ڪئي، سوچ ٽي وي اليڪشن 2024 تي شاندار ڊاڪيومينٽري ٺاهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.