حيدرآباد(رپورٽر) نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪري لاش ساڙڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته سندس قتل جي ايف آءِ آر قاسم آباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي داخل ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ماروٽ ابراهيم عرف جان محمد ولد يار محمد انصاري پاران قتل، خوف ۽ حراس پکيڙڻ تي قلم302, 201 PPC, RW 7 ATA تحت داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري پٽ الهڏنو قاسم آباد جي گهر نمبر ڊي 106 سچل آباد ڪالوني ۾ رهندڙ هو، کيس پٽ جو اولاد نه هئڻ ڪري هن هڪ پٽ وشال عرف شاهه لطيف کي هنج وٺي پاليو هو، جيڪو وڏو ٿيڻ تي نشو واپرائڻ لڳو، 2024ع ۾ ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري جي گهر مان سندس ان پٽ لطيف پئسا چوري ڪيا هئا، اهڙو ڪيس الله بخش عرف آڪاش انصاري سندس خلاف گناهه نمبر 114/2024 قلم 380، PPC382 تحت ڀٽائي نگر ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو، ان ڪيس ۽ ملڪيت تان پاليل پٽ لطيف ڊاڪٽر آڪاش انصاري کان ناراض هو ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري پنهنجي اصل ڳوٺ بدين آيل هو، جتان 14 فيبروري تي ڊاڪٽر علم الدين انصاري ۽ مونسان موڪلائي پنهنجي حيدرآباد ۾ ورتل مسواڙ واري گهر روانو ٿيو، جتي سندس پاليل پٽ لطيف ساڻس گڏ رهندو هو، 15 فيبروري تي آئون پنهنجي گهر ۾ موجود هئس ته فون تي اطلاع مليو ته ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري جي گهر کي باهه لڳي آهي ۽ فوت ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ آئون ۽ ڊاڪٽر علم الدين بدين کان سول اسپتال حيدرآباد آياسين ۽ ڏٺو ته آڪاش انصاري جي جسم تي تيز ڌار آلي جا گهاو هئا. نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل بابت شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري پوءِ باھه ڏئي ساڙڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. قاتل مٿس وحشياڻي نموني وار ڪيا آھن. سول اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر عبدالحميد مغل جي ڪالھه جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي جسم جي مختلف حصن تي تيز ڌار ڇري جا 21 وار ڪري ماري پوءِ باهه ڏني ويئي آهي. مقتول جي جسم تي پاتل قميص تي گاسليٽ جي بدبوء پڻ موجود ھئي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇرين جا زخم اونها آهن. ڇاتي تي ٿيل زخم ٻنهي ڦڦڙن تائين آهن، ميڊيڪل رپورٽ موجب ڇري جي حملي سبب ڳلي ۾ زخم سان گڏ مڻڪي واري هڏي به ڪپيل ھئي. رپورٽ موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڳچي ۾ 8، ساڄي ڳل تي 10 سينٽي ميٽر گھرو زخم، ڇاتي ۾ 4، ڇاتي جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي کان ھڪ، ھڪ زخم، پٺيءَ تي 7 سينٽي ميٽر گھرو زخم، کاٻي ٻانھن جي مٿئين حصي ۾ ھڪ زخم، پيٽ جي کاٻي پاسي کان ھڪ زخم، پيٽ جي پاسي کان 2 زخم، ساڄي سٿر تي 3 سينٽي ميٽر جو گھرو زخم، کاٻي سٿر تي 13 سينٽي ميٽر گھرو زخم، چھري جو ساڄو پاسو ۽ ٻئي ڪن، ڪنڌ جو پٺيون پاسو، ٻئي ٻانھون، ٻئي ھٿ ننھن سميت، ڇاتي جو ھيٺيون حصو، پيٽ، ٻئي دڏ، ٻئي ڄنگھون ۽ ٻئي پير سڙيل ھئا. سمورا سڙڻ جا زخم مرڻ کانپوءِ جا آھن. ھڏن ۽ جوڙن ۽ پاسراٽيون ڪيترن ئي ھنڌن تان ٽٽل آھن. زخمن لڳڻ کانپوء موت 15 منٽن اندر واقع ٿيو. جڏھن ته ڏندن ۾ پڻ چوٽون آيل آھن. ڊاڪٽر آڪاش جي جسم تي مختلف حصن تي 21 زخمن جا نشان هئا. رپورٽ ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر عبدالحميد مغل پاران جاري ڪئي ويئي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آڪاش انصاري جي جسم تي زخم آيا انهي دوران هو زنده هو. جڏهن ته هن جي مرڻ کانپوءِ ان کي باهه ڏني وئي آهي. جڏهن ته رپورٽ ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي موت باھه لڳڻ کان اڳ تيز ڌار ڇري جا گھرا زخم رسڻ سبب ٿيو.
حيدرآباد پوليس به ڊاڪٽر آڪاش جي پاليل پٽ کي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو
حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس، سنڌ جي نامياري مزاحمتي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ سندس هنج ورتل پٽ کي قاتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار تصديق ڪئي آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪندڙ سندس هنج ورتل پٽ وشال لطيف عرف شاهه لطيف آهي، جنهن قتل جو اعتراف به ڪيو آهي. قتل ۾ استعمال ٿيل تيز ڌار چاڪو به هٿ ڪيو ويو آهي. جيڪو جوابدار ڪچري ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار ڪالھ ايس ايس پي آفيس حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آھي. جنھن جون سموريون شاھديون ملي چڪيون آھن. ھن چيو ته قتل جي واردات ۾ جوابدار اڪيلو ئي ملوث آھي. جاچ ۾ اڃا تائين ڪوبه اھڙو ٻيو ماڻھو ملوث ھجڻ جو ثبوت ناھي مليو. ھن چيو ته قاتل پٽ پيءُ آڪاش کي 15 فيبروري تي ڇنڇر جي رات جو ھڪ وڳي ڪمري اندر داخل ٿي تيز ڌار چاقو سان وار ڪري وڏي بيرحمي ۽ بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد گھران نڪري پاڙي جي ھڪ دوست ڏانھن ھليو ويو. جتي ڪجھه ڪلاڪ رھڻ بعد وري رات جو دير سان گھر واپس موٽي آيو ۽ واردات کي لڪائڻ لاءِ ھن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي لاش کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ اھو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪمري کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري سڙي فوت ٿي ويو آھي. هن چيو ته جنهن چاڪو سان هن پنهنجي پيءُ آڪاش انصاري کي قتل ڪيو آهي اهو پڻ پوليس هٿ ڪري ورتو آهي. جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڊرائيور اياز سيال کان به مڪمل جاچ ڪئي وئي، جيڪو ان قتل ڪيس ۾ بيڏوھي ثابت ٿيو آھي، ھن پوليس جي قتل ڪيس ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي آھي. جنھن کي اسان ڪيس ۾ گواھه طور به شامل ڪيو آھي. جوابدار جي اصل والدين بابت پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي فرخ لنجار صرف اھو ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري شاھه لطيف کي ھنج ورتو ھو، اھا خبر ناھي ته اھو ڪنھن کان، ڪڏھن ۽ ڪٿان ورتو ھو.
ڊاڪٽر آڪاش جو ٽيجهو، سنڌ سرڪار جو ڏهه لک رپين جو اعلان
بدين (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) انقلابي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو ٽيجهو سندس رھائش گاھ تي ٿي گذريو. ٽيجهي ۾ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، گل محمد جکراڻي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گھر واري لاء ڏھ لک روپين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري ھڪ وڏو نالي وارو شاعر ھو سندس اوچتي وڇڙڻ تي جيڪو خال پيدا ٿيوآھي اھو ڪڏھن به ڀرجي نه ٿو سگھجي ھن چيو ته جيئن ئي آڪاش انصاري جي واقعي جي خبر پئي ته آئون وڏي وزير سان ان معاملي تي مڪمل طور رابطي ۾ ھئاسين. هن چيو ته قاتلن کي عبرت ناڪ سزا ملندي پوليس کي اھي حڪم جاري ڪيا ويا ھئا ته آڪاش جي معاملي تي مڪمل جانچ ڪري ملوث خلاف قدم کنيو وڃي.
آڪاش انصاري جي قتل تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي:لال جروار
بدين (ڊ ر) سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي تڏي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻن لال جروار، عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ ضلع بدين جي صدر مھراڻ درس،مختيار بڪاري،بھادر ٽالپر،ھميرو مل، فاضل زئور، رمضان سومرو، ذوالفقار ڪلوئي، شاهه فيصل ڪلوئي ۽ ٻين اڳواڻن پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي،اڳواڻن چيو ته وحشي درندن ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي بي دردي سان قتل ڪيو آهي. ڊاڪٽر آڪاش جي ۾ ملوث سمورن قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته آڪاش انصاري پورهيتن، هارين، مسڪين ماڻهن ۽ وطن جي مٽي سان محبت ڪندڙ شاعر هو. آڪاش انصاري جي قتل تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي.
واضح ٿي ويو ته ڊاڪٽر آڪاش جو موت قتل آهي: ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو
حيدرآباد: ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو چيو آهي ته آڪاش انصاري ڪيس هيستائين ٿيل انٽروگيشن ۽ پوسٽ مارٽم مان اها ڳالھه واضح ٿي وئي آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو موت قتل آهي ۽ ان ۾ سندس نپايل پٽ وشال لطيف عرف شاهه لطيف ملوث آهي. سيوهڻ وڃڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي حيدرآباد وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جي مشهور علمي ۽ ادبي شخصيت آهي. پوليس جاچ ٽيم هن واقعي ۾ وشال لطيف کانسواءِ ٻيا ڪھڙا ماڻهو ملوث آهن، ان بابت جاچ ڪري پئي. هن چيو ته حراست ۾ ورتل ڊرائيور جاچ ٽيم آڏو بيان ڏنو آهي ته ڪمري ۾ باھه لڳڻ دوران وشال لطيف ڪمري اندر داخل ئي ڪو نه ٿيو هو. هن چيو ته واقعي جون تقريبن سموريون حقيقتون سامهون اچي چڪيون آهن.