تُنهنجي ”آڪاشَ“ سان، وِرهُه وِرچيو وڃي

تحرير; ياسر قاضي

ياسرَ، منهنجي ايڊريس سؤلي آهي… آڪاش انصاري… انصاري هائوس… باءِ پاس روڊ بدين شهر… ۽ هيٺان وري منهنجو موبائيل نمبر اوهان لکندا… اهي سڀ مونکي سُڃاڻن ٿا… منهنجِي ته سِمپل ايڊريس ئي اها آهي… آڪاش بدين… به اوهان ڪري ڇڏيو، تڏهن به مونکي ملي ويندو هليو… جِي…جِي… ٿينڪ يُو… ٿينڪ يُو… منهنجي طبيعت ڪونهي مزي ۾… چيڪ اپ جي لاءِ وري ڊاڪٽرن چيو آ… منهنجي ٿي آهه ’هِپ رِيپليسمينٽ‘ ٻنهي جي… سو ان جي ڪري ٿوري آهي طبيعت ۾… پر آءٌ ڪوشش ڪريان ٿو ته آءٌ ضرور اچان… ۽ الاهي ڏينهن ٿيا آهن، سائين مقصود تي منهنجي دل به ڳالهائڻ تي چئي ٿي… ۽ ان جي شاعريءَ تي… محبُوب ماڻهو هو… ته… ڏاڍِي منهنجي دل چئي ٿي ته آءٌ بالڪل حتي الامڪان ڪوشش ڪندس ته آءٌ اچي وڃان… ٿينڪ يُو…“

هي هُيو مٺڙي دلبر ماڻهوءَ ۽ سنڌ جي محبوب شاعرَ، ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو واٽس ايپ جي آوازي نياپي (وئائس نوٽ) رستي ڪيل مونسان سندس زندگيءَ جو آخري رابطو، جيڪو نياپو هن مونکي خميس 13 فيبروري 2025ع تي شام جي 6 لڳي 11 منٽن تي موڪليو، جڏهن مون سندس ئي فرمائش تي کيس مقصود گل جي شاعريءَ جو مواد ڪوريئر رستي موڪلڻ لاءِ سندن ايڊريس پئي گُھري. هِي اهو ئي آڪاش آهي، جنهن کي ان آخري نياپي موڪلڻ کان هڪ ڏينهن بعد ڇنڇر 15 فيبروريءَ تي حيدرآباد جي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي هال ۾ سنڌ جي سهڳڻي شاعرَ، مقصود گل جي ڏهين ورسيءَ واري ادبي تقريب جي صدارت ڪرڻي هئي. شايد اها کيس به خبر نه هئي، ته هن پنهنجي جنهن همعصر ساٿيءَ ۽ انقلابي شاعرَ تي ڳالهائڻ جي دل سان خواهش ظاهر ٿي ڪئي، جنهن سان گڏجي هن سنڌ جي نگر نگر ۾ انقلابي گيتن جا هوڪا ڏنا، انهن جي موٽ ۾ صحُوبتون سَٺيون… جنهن جي سنگت ۽ ساٿ ۾ هن راهوڪيءَ جي ميڙاڪن کان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي اتساهيندڙ گيتن جِي گُونجَ سان دلين اندر جذبا پوکيا، ان جي لاڏاڻي جي ڏهين سارَ واري عين ڏينهن تي کيس وقت کان اڳ ايڏي بيدرد انداز ۾ هن جهان مان تڏو پَٽڻ تي مجبور ڪيو ويندو ۽ پنهنجي طبعي موت کان اڳ کيس پنهنجن هٿان لڳايل حادثاتي آڳ ۾ خاڪستر ڪري هن جهان مان زوريءَ لڏايو ويندو.

هي اهو ئي آڪاش آهي، جنهن وٽ هر زمين زاد کي ڏيڻ لاءِ اٿاهه پيار هو… پنهنجائپَ هئي… گرمجوشي هئي… ٽهڪَ هئا… محبت جو والهاڻو انداز هو… جنهن جي يار ويس سُڀاءَ ۾ زندهه دلي هئي، جنهن جي هُڳاءَ ۾ ساڻس ملڻ وارا سڀ پنهنجا پراوا پنهنجن ڏکندن کي ڏُور ٿيندو محسوس ڪندا هئا… جيڪو پنهنجي الڳ رنگ ڍنگَ ۽ انداز وارو انوکو شخص هو، جيڪو ڪڏهن تنبوري جي تار تي سِر ڌُوڻيندي پنهنجا گيت جھونگارِيندو هو، ته ڪڏهن ٿرَ جي ڀِٽُن تي سانوڻ جي وسڪاري سان ڪارايلَ جيان پنهنجا پرَ پکيڙي دل کولي جھومڻ ۾ به عار محسوس ڪونه ڪندو هو… ڪڏهن انقلابي تحريڪن جي جلسن جلُوسن ۾ مخصوص ترنم سان پنهنجا اتساهيندڙ نظمَ پڙهي، اتي موجود هزارين دليون گرمائيندو هو، ته ڪڏهن ڪنهن مشاعري ۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪنڌ پاسيرو ڪري، پنهنجي ڪا رومانوي تخليق انتهائي منفرد انداز ۾ ٻُڌائيندي، ان ڪلام جي مخصوص وراڻي وارن لفظن تي ڪنڌ کي هلڪو جَھٽڪو ڏيندو هو (جيڪو سندس مخصوس اسٽائيل هو)… هي اهو ئي آڪاش آهي، جنهن جِي مخصوص مُرڪَ ان جو ’ٽريڊ مارڪ‘ هئي، جنهن مان زندگي جھلڪندِي هئي ۽ مُرڪڻ وقت هن جا رُڳو چپَ ڪونه مُرڪندا هئا، بلڪه سندس گول شيشن واري چشمي جي پريان لياڪا پائيندڙ اکيون به مُرڪنديون هيون. اهو آڪاش پنهنجي شخصيت جي ستَ رنگن ستارن جي هڪ ئي وقت ڪومائجي وڃڻ سان هميشه لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ اڄ امير مينائيءَ جي شعرَ

ہوئے نامور بے نشاں کیسے کیسے

زمیں کھا گئی آسماں کیسے کیسے

جِي معنيٰ صحيح معنيٰ ۾ سمجھه ۾ آئي، جڏهن هن زمين اسانجي ’آڪاشَ‘ کي ڀاڪر ۾ ڀري هميشه لاءِ ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

جنهن کي سڄي سنڌ آڪاش جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، ان آڪاش انصاريءَ جو ڇٺيءَ جو نالو، الله بخش انصاري هو، جيڪو 1956ع ۾ بدين جي ڳوٺ ’ابل وسيءَ‘ ۾ ڄائو. کيس شاعرِي ورثي ۾ ملي ۽ ابي توڙي امان ٻنهي جي رت مان لفظن سان چاهُه سندس خون ۾ شامل ٿيو. لاڙ جو مقامي طور ڄاتل شاعر الهڏنو بديڻوي سندس پيءُ ۽ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظه جنت خاتون سندس امڙ هئي. الله بخشَ پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽر بدين ۾ ڪرڻ کانپوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ ڊاڪٽريءَ جي پيشه ورانه ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي، جتان 1984ع ۾ ’ايم بِي بِي ايس‘ جِي ڊگري حاصل ڪيائين. جنهن بعد هن بدين ۾ ڪلينڪ کولي ڪجھه وقت مقامي مريضن جو علاج به ڪيو. اڳتي هلي تعليمي حاصلات جي سلسلي کي جاري رکندي هن 2002ع ۾ رُورَل ڊويلپمنٽ (ٻهراڙيءَ واري ترقيءَ) جي مضمون ۾ ايم. اي. ڪئي ۽ ان بعد 2004ع ۾ اِيسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي امريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. ڊاڪٽر بڻجڻ تائين هو هڪ شاعر طور سڃاڻ ماڻي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته ڪاليج واري دؤرَ کان ئي هن ترقي پسند محاذ تي بيباڪ انداز اپنائي، شاعري تخليق ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. جنهن جو وڏو سبب کاٻي ڌُر جي سياست ۾ سندن سرگرم بهرو وٺڻ هو. هُو عوامي تحريڪ کي سنڌ جي عام ماڻهن جي ڏکن ڏولاون جي نمائنده تحريڪ سمجھندي، عملي طور ان جو حصو بڻجي ويو، جنهن جي بنيادي رڪنيت کانپوءِ هُن لڳ ڀڳ ڏيڍ ڏهاڪو ان جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪيو. 1980ع واري ضيائي آمريت واري ڪاري دؤرَ ۾ کيس انقلاب ڳائڻ جي پاداش ۾ زندانَ جا عذاب به ڀوڳڻا پيا. اُن کانپوءِ جڏهن چئن پارٽين جي ميلاپ سان ”عوامي نيشنل پارٽي“ (اي اين پِي) ٺهي ته عوامي تحريڪ کي به ان ۾ ضَم ڪيو ويو. ان وقت خان عبدالولي خان کي ان گڏيل پارٽيءَ جو مرڪزي صدر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر آڪاش جِي، سنڌ جي جنرل سيڪريٽريءَ طور چونڊ ڪئي وئي. اڳتي هلِي آڪاش 1992ع ۾ رسول بخش پليجي سان اختلافن سبب عوامي تحريڪ کان رستا الڳ ڪري ويو. ايئن ئي هن عملي سياست کي ڄڻڪ خيرباد چئي ڇڏيو.

ان بعد آڪاشَ صحافتي محاذَ کي عوامي اهنجن جي اپٽار جي ذريعي طور استعمال ڪندي 1995ع ۾ حيدرآباد مان روزاني ’سوال‘ اخبار جاري ڪئي، جنھن جي چيف ايڊيٽرشپ پاڻ سنڀالي حسن درس کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. هي صحافت جي ميدان ۾ آڪاشَ جو پهريون ۽ آخري تجربو هو. هن اخبار تي سال 2000ع ۾ وقت جي آمرَ، پرويز مشرف پابندي هڻي ڇڏي. 2004ع ۾ امريڪا مان ڊپلوما ڪري اچڻ پُڄاڻان آڪاشَ، بدين جي ساحلي علائقن ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ”بدين رُورل ڊويلپمنٽ آرگنائيزيشن“ نالي هڪ سماجي تنظيم ٺاهي، جنهن طرفان هن ڪيترا ئي پراجيڪٽ ڪيا. سندس قائم ڪيلَ اسڪولن مان بعد ۾ ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي.

آڪاش انصاريءَ جِي شاعري عام ۾ عام جام مقبول رهي، جنهنجو وڏو دليل اهو آهي ته سندس پهرين شعري مجموعي ”ڪيئن رهان جلاوطن“ جا 8 ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ”اڌُورا اڌُورا“ نالي سندس ٻئي مجموعي جا به چار ڇاپا ڇپجي پڙهندڙن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي چُڪا آهن، جنهنجو انگريزيءَ ۾ پڻ ٿي چڪو آهي. جڏهن ته سندس اڻ ڳڻيا قومي، رومانوي توڙي اتساهيندڙ نغما ۽ گيت نامور راڳين جي آوازن ۾ ڳائجي سنڌ جي ڳليءَ ڳليءَ ۾ گُونجي چُڪا آهن ۽ گُونجندا پيا.

زندگي ته بيشڪ ويساهه جوڳي ناهي، پر اڄ کان 5، 6 سال اڳ اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ صحت جي نازڪ ترين معاملن منجھان پار پئِي، اُڪرِي اچي وري نئين زندگي ماڻيندڙ جي حياتيءَ جو انت ان طرح اچي، ته نه رڳو سندس وڇوڙي جو غم دل چِيري ٿو، پر سندس اهڙي بي درداڻي قتل تي به هانءٌ جُھرِي ٿو پوي. سڄي سنڌ آڪاش جي خُون جو انصاف گُھري ٿِي ۽ گُھرَ ڪري ٿِي ته آڪاش جي خُون کي لُڙهڻ نه ڏنو وڃي ۽ قاتلن کي دستانا نه پارايا وڃن.مقصُود گل اڪيڊميءَ، ساڳئي ڏينهن منعقد ٿيندڙ مقصود گل جي ڏهين ورسيءَ جي تقريب ۾ پڻ ٺهراءُ پاس ڪري اقتدار ڌڻين توڙي ملڪ جي عدليه کان اها تقاضا ڪئي آهي ته آڪاش جي قتل جي اڻ ڌُرئِي جاچ ڪرڻ بعد ڏوهي ثابت ٿيندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته متان اهو ڪرڻ سان آڪاش جي رُوح کي ڪا شانتي ملي سگھي ۽ سنڌ کي لاحق آڪاش جي وِرهَه جي دردَ ۾ ڪا جَھڪائي اچي سگھي.

تُنهنجي ”آڪاشَ“ سان، وِرهُه وِرچيو وڃي

۽ ڪڏهن پَل اندر، پاڻ پَرچيو وڃي

دل هِي سمجهي نَٿي درد آ دادلو

يار! جلدي ملو! يار جلدي ملو!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.