سنڌ ۾ وڌندڙ روڊ حادثا: ذميوار ڪير؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

سنڌ ۾ روڊ حادثا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن. جن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي نظر اچڻ لڳي آهي. انهن حادثن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي سدائين لاءِ اپاهج بڻجي وڃن ٿا. حادثن ۾ مري ويندڙ ماڻهن جي گھرن ۾ قيامت برپا ٿيو وڃي. ڪيتريون ئي عورتون بيواهه ٿيو وڃن. ڪيترائي ٻار يتيم به ٿيو پون. جن جو ڪوبه مددگار ڪونه ٿو بڻجي.

وسندڙ گھر غيرآباد ۽ ويران ٿيڻ ڪري ويڙهن ۽ ڳوٺن ۾ تباهي جو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن وقت ايترا ته حادثا ٿين پيا جو ٻڌڻ سان جسم جا وار ڪانڊارجيو وڃن ٿا. انسان ويچارا روڊن ۽ رستن جي وچ تي ڦٿڪي، ڦٿڪي مري رهيا آهن. پر انتظاميا کي ڪا پرواهه ئي ڪونه آهي. لاڳاپيل ادارا گھري ننڊ ۾ ستا پيا آهن. جيڪي حادثن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪا آهن. جن جي خلاف احتجاج به ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي پر اهي پنهنجي ڪارڪردگي سڌارڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن.

تازو سن لڳ ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ ڇهه ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ چار ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. تفصيل موجب ڇڇر ٿاڻي جي حد، ڳوٺ سرائي سولنگي وٽ، انڊس هاءِ وي روڊ تي فجر جي وقت روهڙي کان ڪراچي طرف ويندڙ تير رفتار ڪار ۽ غلط سائيڊ کان ايندڙ فارچيونر گاڏي جي وچ ۾ آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو. نتيجي ۾ ڪار سوار پنج ئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جيڪي بروقت طبي امداد نه ملڻ ڪري تڙپي، تڙپي فوت ٿي ويا. ٻيو حادثو ٿيٻاٺ ٿاڻي جي حد ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪار،  موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار تڏي تي فوت ٿي ويو.

ٻئي ڏينهن تي قلندرشهباز جي عرس ۾ ويندڙ پانڌيئڙن جون ٻه بسون حادثي جو شڪار ٿي ويون نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. تفصيل موجب خيرپور جي ڀرسان راڻي پور قومي شاهراهه تي لاهور کان حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ پانڌيئڙن جي ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب سورهن ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته 25 ڄڻن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي. اها مسافر ڪوچ لاهور کان هارون آباد ۽ سيوهڻ وڃي رهي هئي. ٻيو حادثو قاضي احمد جي ڀرسان آمري روڊ تي نوابشاهه کان سيوهڻ ويندڙ ميلي جي پانڌيئڙن جي تير رفتار وين گڏهه گاڏي کي بچائيندي هڪ ٽرالر سان ٽڪرائجي ويئي. هن حادثي جي نتيجي ۾ ڇهه مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي ۽ ڏهن ڄڻن کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا آهن.

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن جي اندر کوڙ حادثا ٿيا آهن. جن مان ڪن جو مٿي ذڪر ڪيو آهي. انهن سڀني حادثن ۾ ڊرائيورن کي ذميوار سڏيو پيو وڃي. سندن غلطي ۽ لاپرواهي جي ڪري روڊ حادثا ٿيا آهن. اڪثر ڪري هر سال قلندر جي ميلي دوران اهڙا حادثا ٿيندا رهندا آهن. جن ۾ وڏو جاني توڙي مالي نقصان ٿيندو رهيو آهي. هن سال به اهڙا خوفناڪ حادثا ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ روڊ حادثا وڌي رهيا آهن. جن جي ذميواري نه رڳو ڊرائيورن تي آهي. اهي به ڪوتاهي ته ڪندا رهن ٿا. پر، روڊ حادثن جا ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آهن. جن جي ڪري نقصان ٿي رهيا آهن. اڪثر ڊرائيور، ڊرائيونگ دوران موبائيل فون جو استعمال ڪن ٿا. موبائيل تي تصويرون ڏسڻ ڪري سندن توجهه ڊرائيونگ کان هٽجيو وڃي ٿي. ڪن ڊرائيورن کي گاڏي هلائيندي موبائيل فون ڪن تي هوندي آهي. هو گھڻي وقت تائين فون تي ڳالهائيندا رهن ٿا. جنهن ڪري سندن ڌيان ڊرائيونگ ڪرڻ ڏانهن گھٽجي وڃڻ جي صورت ۾ حادثا ٿين ٿا. حالانڪه ڊرائيونگ ڪرڻ دوران سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ يا موبائيل تي ڳالهائڻ تي پابندي آهي. تنهن هوندي به هو، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا رهن ٿا ۽ مڙن ڪونه ٿا بي خيالي ۾ حادثا ٿيو پون ٿا. انهن حادثن ۾ وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه، اهي وڏو سفر ڪن ٿا. کين سفر ۾ ٿڪاوٽ به ٿئي ٿي گھٽ آرام ڪرڻ ڪري کين ننڊ جا جهٽڪا اچيو وڃن. جيڪي حادثن جو ڪارڻ بڻجن ٿا.

تيز رفتاري ۾ گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي ڪنهن ٻئي گاڏي سان ٽڪرائي ٿي يا مورڳو ڪلٽي ٿيو پوي. روڊ سان اهڙيون کوڙ گاڏيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن جيڪي تيز رفتاري جي ڪري ڪلٽي ٿيل يا روڊ کان هيٺ کڏن کامن ۾ لٿل نظر اينديون آهن. روزانو ڪيترائي ايڪسيڊنٽ ٿين ٿا. جن تي ضابطي ڪرڻ لاءِ روڊس پوليس جو عملو بظاهر ڪوبه قدم کڻندي نظر ڪونه ٿو اچي.

حادثن جو سبب روڊن جي خراب حالت به آهي ڇاڪاڻ ته هتي روڊن جي مرمت ڪونه ڪرائي وڃي ٿي. روڊن جي سار سنڀال ۽ مالڪي ڪونه ڪئي وڃي ٿي ۽ روڊن ۾ کڏا کوٻا ٿيو پون. پر، مرمت ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي. جڏهن ته سرڪاري ٽول پلازا قائم ڪري ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي. پر، خبر ناهي ته اهو پئسو ڪٿي خرچ ڪيو پيو وڃي. اهو به هڪ وڏو مسئلو آهي. جيڪو حڪومت حل ڪري سگھي ٿي. پر، حڪومت جا ٺيڪيدار سست رفتاري سان مرمت ڪرائيندا آهن. ان مرمت جي ڪم ۾ وري ناقص مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ٿو. جنهن ڪري اهڙا روڊ رستا مضبوط ۽ پائيدار ڪونه ٿا ٿين. مطلب ته سنڌ جي روڊن جي حالت ڪا چڱي ڪونه آهي. خراب حالت هئڻ ڪري اهي موتمار ۽ نقصانڪار ٿي پيا آهن. اهڙن حادثن ۾ جاني توڙي مالي نقصان وڏي تعداد ۾ ٿي رهيو آهي. جن جو ازالو ڪرڻ به ناممڪن ۽ انتهائي ڏکيو آهي.

سيکڙاٽ ۽ غير تربيت يافته ڊرائيور به گاڏيون هلائيندا وتن. جن کي گاڏين جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ ڪونه آهي. انهن جي ڊرائيونگ به خطري کان خالي ڪونه ٿي ٿئي. ۽ اهڙا ڊرائيور به انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن. گاڏين جي مالڪن کي گھرجي ته اهڙن ڊرائيورن کي روڪين ۽ گاڏيون هلائڻ نه ڏين، جيستائين هو، مڪمل طرح سکيا حاصل ڪن ۽ ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪن. تڏهن اهي وڃي گاڏي هلائڻ جي لائق ۽ اهل ٿيندا. ڊرائيونگ هڪ ڏکيو ۽ ذميواري وارو ڪم آهي. ان ۾ جيترو به احتياط ڪيو ويندو. اهو فائديمند آهي. تڪڙ ڪرڻ ۽ گاڏين جو مقابلو ڪرڻ به انتهائي نقصانڪار آهي.

ٽرئفڪ جي قانونن تي عمل ڪرايو وڃي. تڏهن وڃي روڊ حادثن تي ضابطو ايندو ۽ جاني توڙي مالي نقصان کان بچي سگھبو. هاڻ ته ٽرئفڪ ۾ روز بروز اضافو ٿي رهيو آهي. انهن گاڏين لاءِ جيڪڏهن قانونسازي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اها به ڪئي وڃي ۽ اها هئڻ گھرجي. ڊرائيورن جي ڪن مروٽ ڪرڻ به وقت جي تقاضا آهي. بهرحال هي هڪ اهم مسئلو آهي. جنهن ڏانهن توجهه ڏيڻ گھرجي ٻئي حالت ۾ حادثن تي ڪنٽرول ٿي نه سگھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.