ڪامريڊن وانگر وڙهندا آهيون، خارجين کي سوچ مڙهڻ نه ڏبي: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف عاصم منير چيو آهي ته اسان ڪامريڊن وانگر وڙهندا آهيون، فوج جو اهو ئي ته مزو آهي جو اسان کي خبر ناهي ته ڪير سنڌي آهي، ڪير پنجابي آهي، ڪير بلوچ ۽ ڪير پٺاڻ آهي، اسان صرف ڪامريڊن وانگر وڙهون ٿا، اسان لاءِ صرف پاڪستانيت اهم آهي ۽ اسان ان سان پيار ڪريون ٿا، اسان کي پنهنجي مذهب ۽ تهذيب تي خبر آهي، ڪڏهن به خارجين کي پنهنجي مدي خارج سوچ ملڪ تي مڙهڻ نه ڏينداسين، سرڪاري ٽي وي موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير اها ڳالهه 12 فيبروري تي سڄي ملڪ جي يونيورسٽين مان آيل شاگردن کي خطاب ڪندي چئي، جنهن جي 3 منٽن  کان وڌيڪ جي ڪلپ ڪالهه هلائي وئي، آرمي چيف چيو ته پاڪستاني عوام خاص طور تي نوجوانن جو پاڪ فوج سان انتهائي مضبوط رشتو آهي، ملڪ دشمن عنصرن جي فوج ۽ عوام جي وچ ۾ فرق وجهڻ جي ڪوشش سدائين ناڪام رهي آهي ۽ رهندي، جيستائين قوم خاص طور تي نوجوان گڏ بيٺا آهن پاڪ فوج ڪڏهن به نه هارائيندي، پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي مذهب، تهذيب ۽ روايتن تي فخر آهي، هي فتني خور ڪهڙي شريعت ۽ دين جي ڳالهه ڪندا آهن؟ اسان ڪڏهن به فتني خورن کي پنهنجي مدي خارج سوچ ملڪ تي مڙهڻ نه ڏينداسين، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا غيرتمند ماڻهو دهشتگردن خلاف سيهي جي ڀت جيان بيٺل آهن، فوج اڄ به خارجين سان روزاني جي بنياد تي وڙهي رهي آهي، اسان انهن جي مذهبي تشريح سان متفق ناهيون، اسلام دنيا ۾ سڀ کان پهريون مذهب آهي جنهن عورت کي عزت ڏئي آسمان تائين پهچايو، ڀلي عورت هڪ ماءُ  هجي، زال هجي يا ڀيڻ ڪنهن به ڪردار ۾ اسلام عورت کي عزت ڏني آهي، فتني خور ڪير ٿيندا آهن عورت جي ان مان کي کسڻ وارا؟ انهن کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو؟ ان کي ڪير به کسي نه ٿو سگهي، آرمي چيف جو چوڻ هو ته اسان خارجي فسادين سان وڙهي رهيا آهيون، توهان سمجهو ٿا اهي جهاد ڪري رهيا آهن، پر دين مان نڪتل آهن، اهڙا عنصر اسلام جي غلط تشريح ڪري رهيا آهن، خارجي عنصر اسلامي تعليمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، فسادين بابت اسلام جا حڪم واضح آهن، رياست جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪندڙ رحم جي اميد ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.