پريا ڪماري پنجاب ۾ گم ٿئي ها ته مريم نواز بازياب ڪرائي ها: لياقت جلباڻي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي لياقت جلباڻي، خدا ڏنو شاهه، مرڪ منان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو. هنن چيو ته آصف زرداري ملڪ جو صدر آهي پر پريا ڪماري 4 سالن کان گم آهي ۽ سنڌ حڪومت ڪمزوري جو مظاهرو ڪيو آهي. پريا ڪماري پنجاب ۾ گم ٿي وڃي ها ته شهباز شريف، مريم نواز ۽ ن ليگ کيس بازياب ڪرائي وٺن ها. بلاول ڀٽو به ثابت ڪيو ته هو غريبن جو دوست نه پر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪرائيندڙ ايم اين اي، پوليس، سردارن ۽ ڀوتارن جي گناهن تي پردو وجهندڙ رکوال آهي. جيڪڏهن پريا ڪماري بازياب نه ٿي ته پنجاب وڃي احتجاج ڪنداسين ۽ اتان جي قيادت کان مطالبو ڪنداسين ته سنڌ جي عوام جي مالڪي ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.