ڪراچي ۾صورتحال 85 ع کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي: فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر)متحدا قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت روڊن رستن تي ٿيندڙ حادثن کي نه روڪيو ۽ عوام کي رليف نه ڏنو ته حالتون 1985 کان به خراب ٿي سگهن ٿيون،ڪراچي جي صورتحال تي پريس ڪانفرنس  ڪندي فاروق ستار چيو ته سنڌ حڪومت جي ظلم ۽ ناانصافي جو سلسلو جاري آهي، سنڌ حڪومت اقتدار جي آڙ ۾ ڪرپشن، مجرماڻي لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، هڪ باهه ڀڙڪي رهي آهي جيڪو ڪنهن به وقت پکڙجي سگهي ٿو، متحده اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي ڪٿي به نظر نٿي اچي، وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ ڊمپر مافيا خلاف بيان ناهي ڏنو، سنڌ حڪومت ڊمپر مافيا کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر پٺاڻن ۽ مهاجرن کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نااهل واضح ڪيو ته ڪراچي جا 100 کان وڌيڪ شهري ڊمپر ۽ ڪنٽينر مافيا جي هٿان زندگيون وڃائي چڪا آهن، شهر قائد جي هاڻوڪي صورتحال هڪ بم وانگر ٿي وئي آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ڌماڪو ڏئي سگهي ٿو، فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڳ ٽرانسپورٽ مافيا هئي، هاڻي ڊمپر مافيا کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، مهاجر قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ آفاق احمد جي گرفتاري جي مذمت ڪندي سندس آزاديءَ جو مطالبو ڪندي فاروق ستار چيو ته جيڪڏهن آفاق احمد اهو بيان نه ڏئي ها ته ائين ٿئي ها، آفاق احمد کي گرفتار ڪرڻ سان معاملو حل نه ٿيندو، ماڻهو هن وقت ناراض آهن، اسان شهر ۾ باهه لڳائڻ کي وسائي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.