آرمي چيف جي جواب کانپوءِ عمران کي خط لکڻو آ ته وزيراعظم ڏي لکي:احسن اقبال

نارووال ( م ڊ )منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال تحريڪ انصاف جي باني کي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو،هن چيو ته آرمي چيف جو جواب اچي ويو،عمران کي جيڪو لکڻو آ وزيراعظم کي لکي،  نارووال جي مسلم گرلز ڪاليج ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني سنجيده آهن ۽ کين ڪا شڪايت يا تجويز آهي ته وزيراعظم کي خط لکين،هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي خط جو جواب آرمي چيف پاڻ ڏنو آهي، سياسي معاملا جيڪي به هجن ان لاءِ مرڪزي آفيس وزيراعظم جي آفيس آهي، رٿابندي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ  باني آرمي چيف کي بار بار خط لکي فوج کي سياست ۾ شامل ڪرڻ چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.