ميونخ (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي سياست ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، هاڻي پاڪستان کي عمران خان جي سياست کان پاڪ ٿيڻو آهي، عمران خان مان جمهوري رويي جي ڪا اميد ناهي، هن ملڪ جي سياست ۽ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان پاڪستان جي سياست مان مايوس ٿي چڪا آهن ۽ ان مايوسي ۾ سڀ کان وڏو ڪردار پي ٽي آءِ جي باني جو آهي، جرمني جي شهر ميونخ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده فيصلا ڪرڻا پوندا، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، فرانس ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا هئي، پر پاڪستان ڪٿي نظر نه آيو، پاڪستان پنهنجي نوجوانن کي ڊجيٽل دور لاءِ تيار نه ڪري رهيو آهي، مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ معاشي استحڪام ۽ ٻين معاملن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، بلاول چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ۽ سياستدانن کي به پنهنجي ڪردار ۾ رهڻ گهرجي.