ڪجهه مهينا اڳ ڪشمور شهر لڳ ڊيرا موڙ، جيڪو گڊو ٿاڻي جي حد ۾ واقع آهي، مان نوجوان هندو واپاري راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن سندس ئي آفيس مان اغوا ڪري کڻي ويا هئا، جنهن جي بازيابي لاءِ سياسي، سماجي توڙي هندو پنچائت پاران شهر ۾ شٽربند هڙتال پڻ ڪئي وئي هئي ۽ وقت به وقت احتجاج پڻ ٿيندا رهندا آهن. پوليس آفيسرن توڙي چونڊيل نمائندن جي خاطري باوجود به اڃا تائين سندس بازيابي ممڪن نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب نه رڳو سندس گهرڀاتي پر ساڻس خاندان سان لاڳاپيل هر ماڻهو توڙي سڄي هندو برادري سخت خوف ۽ ذهني اذيت جو شڪار آهي. ۽ سندن ڪاروبار پڻ متاثر ٿي رهيا آهن.
مغوي راجيش ڪمار جيڪو لڳ ڀڳ ٽن مهينن کان ڌاڙيلن جي عتاب هيٺ آهي جيڪي مٿس وحشياڻي تشدد ڪرڻ سان گڏ کيس اڃ ۽ بک ڏئي رهيا آهن ته جيئن سندس وارث ڌاڙيل جي گُهر جلد کان جلد پوري ڪن. راجيش ڪمار ڪيسواڻي پڙهي لکئي، پرامن ۽ ڪاروباري خاندان مان هجڻ ڪري انتهائي نفيس طبيعت جو مالڪ محسوس ٿئي ٿو، جنهن سان وحشي، امن ۽ انسان دشمن ماڻهو جانورن سان کان به بدتر سلوڪ ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه ان ڪري به چئي سگهجي ٿي ته سندس اغوا کان ڪجهه وقت پوءِ ڌاڙيلن پاران سوشل ميڊيا تي جيڪا سندس ويڊيو ڪلپ وائرل ڪيو ويو هو، ان ۾اهو ڏسي سگهجي ٿو ته راجيش ڪمار کي هڪ وزندار لوهي زنجير ۾ اهڙي ريت جڪڙيو ويو آهي، جو هو اٿي به نه سگهي ۽ ٺيڪ طرح سان ويهي به نه سگهي.هو دانهون ڪندي وارثن کي التجائون ڪري رهيو هو ته خدارا ڌاڙيلن جي جيڪا به گُهر آهي اُها تڪڙي پوري ڪئي وڃي ۽ مون کي هن ناقابل اذيت مان نجات ڏياري وڃي.
سنڌ ۾ سنڌي هندئن سان ظلم ۽ زيادتي ڪا نئين ڳالهه ناهي، هو مني صديءَ کان اهو ظلم ڀوڳيندا پيا اچن، پر ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ اهو ڏاڍ، ظلم ۽ جبر گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو ۽ جيڪو هاڻ خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهيو آهي، جو سنڌ جي پرامن، ڪاروباري ۽ پڙهيل لکيل طبقي خلاف وڏي پئماني تي سازشون ٿيڻ سبب سندن نه ته ڪٿي ننگ محفوظ رهيا آهن ۽ نه ئي ڪاروبار. هو پنهنجي گهرن ۽ آفيسن ۾ ڏينهن جو به غير محفوظ بڻجي ويا آهن. ڀلا اهڙي صورتحال ۾ ڪير ڪيترو وقت جالي سگهندو ۽ پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهندو. ايئن لڳي ٿو ته سنڌي هندن کي سنڌ ڇڏائڻ لاءِ ڪي ڌاڙيل تنظيمون ۽ درسگاهون قائم ڪيون ويون آهن.جن کي خاص ٽارگيٽ ڏنا ويا آهن جن مان ڪي پنهنجين سرگرمين تحت سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ بدنام پڻ ٿي چڪيون آهن. جن اڳيان حڪومت توڙي ملڪي سگهارا ادارا به بيوس نظر اچي رهيا آهن.
سنتوش ڪمار کي ڏينهن ڏٺي جو نهايت ئي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جنهن سان پوءِ ٺل واسي ديوان جو لاش پڻ ڪڻڪ جي فصل مان مليو، جنهن بابت ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هو لاش هٿ اچڻ کان اٽڪل ڏهه ڏينهن کن اڳ ۾ ئي پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، سندس وارثن توڙي دوستن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اهڙو اطلاع لاڳاپيل ٿاڻي تي پڻ ڏنو هو. پر ٺل پوليس روايتي سستي ۽ غلفت جو مظاهرو ڪندي سندس حياتي بچائڻ لاءِ ڪو به ٺوس قدم نه کنيو. اهڙي طرح ڪشمور پوليس پڻ مغوي راجيش ڪمار ڪيسواڻي جي بازيابي لاءِ ڪو اطمينان جوڳو ڪردار ادا ڪندي نظر نٿي اچي. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو پوليس جي لاپرواهي سبب ٺل واقعي جو ورجاءُ ڪشمور ۾ ٿئي.
ويهه ڏينهن کن اڳ ڪشمور پوليس اسٽيشن تي زياد علي نوناري ايس ايڇ او مقرر ٿي آيو آهي، جيڪو شهر واسين لاءِ ڪو اوپرو ناهي ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻايل ٿاڻي تي اڳ ۾ به ننڍو صوبيدار ۽ ايس ايڇ او چڪو آهي، جنهن شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي شهر واسين وٽ پنهنجو بهتر تاثر قائم ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو شهرين سندس زبردست استقبال ڪيو ۽ منجهس اها اميد ته هن جي اچڻ سان امن جي بگڙيل صورتحال بهتر سان گڏ مغوي راجيش ڪمار جي بازيابي پڻ يقيني بڻجندي، ڇو ته زياد علي نوناري شهرين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اهو واضح لفظن ۾ چيو هو ته مون کي معلوم آهي ته شهر ۾ ڪهڙيون ڌريون ۽ ڪهڙا ماڻهو ڏوهي وارداتن ۾ ملوث آهن. ظاهر ڳالهه آهي ته پوليس عملدار کي اها به خبر هوندي يا ٽن هفتن کان وڌيڪ وقت گذرڻ کان پوءِ کيس خبر پئجي وئي هوندي ته مغوي راجيش ڪمار کي ڪٿي ۽ ڪهڙن ماڻهن يرغمال بڻائي رکيو آهي؟
علائقي سطح تي مغوي راجيش ڪمار متعلق ڪيتريون ئي قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن، ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته راجيش ڪمار کي هڪ سياسي ۽ قبيلائي طاقت رکندڙ پڪي جي ماڻهو اغوا ڪرائي کانئس زمين جو کاتو ۽ قبضو طلب ڪيو پيو وڃي جيڪا ڪمرشل ايريا ۾ واقع آهي. بهرحال حقيقت ڇا آهي، کيس ڪنهن ۽ ڇو اغوا ڪيو ويو آهي، اهو سڀ جاچ ڪري معلوم ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي.۽ ان سان نئون مقرر ٿي آيل ايس ايڇ او لاءِ پڻ وڏو چئلنج آهي، ڇاڪاڻ ته مغوي راجيش ڪمار ڪيسواڻي واري ڪيس سان سندس سالن کان قائم ساک، عوام جو اعتماد ۽ مستقبل جي ڪاميابي جڙيل آهي.