سنڌ ڌرتي صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، انهن بزرگن مان حضرت عثمان مروندي المعروف لال شهباز قلندر رحه به هڪ آهي. جن جي عظمت ۽ شهرت پوري دنيا ۾ مشهور آهي.توڙي جو سندس شخصيت متعلق ڪيتريون ئي اختلافي روايتون موجود آهن تنهن هوندي به پوري دنيا سندس شخصيت ۽ پيغام کي عقيدت جي نگاهه سان ڏسي ٿي۔ ڇوته پاڻ اعليٰ خاندان سان تعلق رکندڙ هئا. سندس والدين نهايت پرهيزگار ۽ نيڪ هئا. سندن والد بزرگوار سيد ڪبير الدين پنهنجي وقت جو بزرگ عالم، عامل ڪامل، ولي ۽ عابد زاهد هو ۽ هميشه عبادت الاهي ۾ مصروف رهندو هو.
هن بزرگ مرند جي والي سلطان شاهه جي پاڪ سيرت دختر نيڪ اختر سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس شهنشاھ قلندر تولد ٿيو. ڪن روايتن موجب سندن والد جو نالو ابراهيم ۽ لقب ڪبير ڄاڻايو ويو آهي. حضرت جن جا وڏا اصلي عراق جا رهاڪو هئا ۽ ڪن سببن جي ڪري اتان هجرت ڪري ايران جي مشهور شهر ”مشهد“ ۾ اچي رهيا بعد ۾ اتان لڏي افغانستان ۾ آيا ۽ آذربائيجان ۽ تبريز درميان ”مرند“ ۾ اچي مستقل طور رهيا.پاڻ سڄي عمر پنهنجي تنهائي ۽ تجرد جي گوشي ۾ گذاري. تنهن جو سبب استغراق دائمي هو.پاڻ هميشه حق جي مشاهدي ۾ محو رهيا. ان ڪري دنيا کان بي خبر رهيا.
قلندر لعل شهباز ۾ ٻين ڪيترين ئي خوبين سان گڏ سخاوت جو جذبو پڻ موجود هو. انهيءَ ڪري پاڻ ”سخي شهباز قلندر“ جي لقب سان پڻ مشهور آهن.پاڻ ابتدائي تعليم جي تڪميل کان پوءِ ڪامل مرشد جي تلاش شروع ڪئي.حضرت شهباز قلندر روحاني راز، الاهي عشق جي رمزن ۽ حقيقي حال جي حاصلات لاءِ جنهن پهرئين مرشد جي دست بيعت ڪئي ان لاءِ مختلف روايتون آهن پهرئين روايت موجب هو شيخ بابا ابراهيم جو مريد ٿيو. ٻي روايت پٽاندر شيخ بهاول الدين ملتاني جو نالو اچي ٿو. ٽين روايت مطابق شيخ جمال مجرد مصري جو نالو نروار ٿئي ٿو. قلندر حقيقت ۾ صوفياءِ ڪرام جو وضع ڪيل اصطلاح آهي. قلندر، ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجن ارادن، خواهشن ۽ تمنائن کي ترڪ ڪري، راضي به رضا الاهي رهي، ۽ ان ۾ ئي دلي سڪون حاصل ڪري، يعني دل جي روحاني جذبن کي سموري توجھه جو مرڪز ۽ محور بنائڻ قلندري طريقي جي خصوصيت آهي. انهيءَ لحاظ کان قلندري طريقي جو بنياد ٻن ڳالهين تي آهي هڪ زهد ۽ ٻيو محبت. مطلب ته فقط هڪ جو ٿي رهڻ ۽ ٻين کي ترڪ ڪرڻ ۽ انهن سان ڪوبه لڳ لاڳاپو نه رکڻ ان طريقيڪار جي ڪيفيت جو نالو مستي آهي ۽ مستي ئي قلندري طريقي جي سڃاڻ آهي. قلندري طريقو ظاهري عبادتن ۽ رياضتن سان گڏ مستي، جوش، جذبي، محويت ۽ استغراق تي گھڻو زور ڏئي ٿو.
قلندري طريقو حضرت سيد جمال مجرد کان شروع ٿيو، جيڪو وڏو عالم ۽ فاضل هو.قلندر لعل شهباز، جنهن وقت سنڌ ۾ آيو ته ان وقت سيوهڻ شريف ۾ جهالت، انڌير، بدڪاري جھڙيون برائيون عروج تي هيون. هن ڪامل ولي انهن براين کي ڏاڍ، زور، جبر ۽ قتل غارت کان سواءِ پنهنجي علمي بصيرت، عمل ۽ ڪردار ذريعي نه صرف سيوهڻ، بلڪه پوري برصغير ۾ اسلام جي روشني ڦهلائي ۽ هر طرف وحدانيت جو پرچار ٿيڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته سندن پيغام اسلام جو آفاقي پيغام هو. سندن اعليٰ سوچ، تصوف جي فلسفي، انسانيت جي خدمت جي جذبي ماڻهن کي ايترو ته متاثر ڪيو جو ٿوري عرصي ۾ هزارين ماڻهو سندن معتقد ۽ مريد بڻجي ويا.سندن نظر ۾ سڀئي انسان برابر آهن. ڪو به ڪنهن کان مٿاهون نه آهي، سواءِ چڱن عملن جي پاڻ بغير ڪنهن تعصب نسلي مت ڀيد جي سڀني کي هڪ ئي نظر سان ڏٺو ۽ ماڻهن کي ڀائيچاري، اخوت، اتحاد ۽ امن جو درس ڏنو. اهوئي سبب آهي جو هر مڪتبِه فڪر سندس فلسفي تي ايمان رکي ٿو ۽ سندس معتقد آهي.انڪري اچو ته قلندر ڪبريا جي ڏسيل راهه تي عمل ڪري دنيا کي امن پيار ۽ انسانيت جو گهوارو بڻايون.