سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي جي عالمي ادارن کان جاچ ڪرايو: لاڙڪاڻي ۾ اي پي سي

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد  ابڙو) قومي عوامي تحريڪ جي سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌو درياھه مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سٽي پريس ڪلب لاڙڪاڻو ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي مذهبي قومپرست، وڪيل ۽ مختلف فورم جي ڌرين پاران شرڪت ڪئي وئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومتي ڌر پاران سنڌو درياھه مان غيرقانوني 6 ڪينال ڪڍڻ سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، جنهن کي سنڌي قوم ڪڏهن به قبول نه ڪندي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت سمون، شمائلا لاڙ، صائما لاشاري،سڪندر لاشاري ايڊووڪيٽ، غلام شبير جتوئي، غلام رضا ميمڻ، صديق سومرو، سلما ڀٽو، خاڪسار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ وحيد ابڙو، وطن دوست مزدور فيڊريشن جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ قادر ڪرد، جمعيت العلماءَ پاڪستان جي ضلعي اڳواڻ جاويد ٽڳڙ، جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو جي اڳواڻ ذوالفقار بليدي، پاڪستان سني تحريڪ جي صوبائي نائب صدر حافظ بشير شيخ، سٽي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري فراز شيخ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري منظور شيخ، وطن دوست جمھوري پارٽي جي ضلعي اڳواڻ عاشق شيخ، پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ لياقت عمراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو، اي پي سي ۾ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور منظور ڪيو ويو ته ڏيڍ صدي کان مسلسل سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي ۽ چوري ٿيل پاڻي جي عالمي ادارن کان منصفاڻي تحقيقات ڪري سنڌ سان ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، سنڌو درياھ تي ٺهندڙ 6 ڪينال سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن منصوبو آهي، گرين انيشيئيٽو منصوبو ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي زمين تان بيدخل ڪرڻ وارو سنڌ دشمن منصوبو آهي، زرعي انڪم ٽيڪس سنڌ جي زراعت تي حملو آهي، اي پي سي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري، ارسا ايڪٽ 1992 ۾ صدارتي آرڊيننس وسيلي ڪيل ترميم 1973 واري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي سنگين خلاف ورزي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.