ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ”پراسرار موت“ سنڌ کي جهوري وڌو

حيدرآباد/بدين( رپورٽ: عتيق ملاح/ رازق ڏنو کوسو) سنڌ جو مزاحمتي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ واسين کي اکين ۾ لڙڪ ڏئي سدائين جي لاءِ وڇڙي ويو. سندس مڙهه قاسم آباد جي هڪ مسواڙ واري گهر جي باهه لڳل ڪمري مان سڙيل حالت ۾ مليو آهي. ڪالهه صبح جو 8 وڳي کانپوءِ ريسڪيو 1122 کي قاسم آباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد سٽيزن ڪالوني ۽ هيپي هومز جي ڀرسان سچل آباد ڪالوني واري علائقي ۾ هڪ گهر اندر باهه لڳڻ ۽ هڪ ڄڻي جي سڙي فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو، بعد ۾ اها تصديق ٿي ته اهو گهر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مسواڙ تي ورتل هو ۽ هو ان گهر ۾ باهه سبب سڙي فوت ٿي ويو آهي. اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي باهه جيان پکڙجي وئي ۽ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ ڏک جي لهر ڇائجي وئي، سنڌ جي هڪ وڏي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر جي پرسرار موت کانپوءِ سندس لاش بنا پوسٽ مارٽم جي تدفين جي لاءِ اسپتال مان روانو ٿي وڃڻ کانپوءِ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي دوستن، ڪجهه ويجهن مائٽن ۽ علمي ادبي شخصيتن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي موت واري دردناڪ واقعي تي سوال اٿاريندي اها گُهر ڪئي ته بنا دير ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه واپس اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي ۽ واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. ابتدائي طور تي ريسڪيو ٽيم ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه کڻائي سول اسپتال پهچايو هو، جتان وارث بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کڻي بدين روانا ٿي ويا هئا. اهڙي واقعي بابت پوليس کي ڪو به اطلاع نه هو ۽ نه ئي پوليس پنهنجي حد ۾ ٿيل ان وڏي واقعي بابت باخبر هئي، گهڻي دير کانپوءِ پوليس کي واقعي جو اطلاع مليو، جنهن بعد پوليس ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر ۽ اسپتال پهتي. پوليس ايمبولينس سان گڏ ويندڙن سميت ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ٻين وارثن سان رابطو ڪيو ۽ لاش ٻيهر ٽنڊو محمد خان وٽان رستي تان واپس حيدرآباد سول اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، پوسٽ مارٽم وقت ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وارثن سميت وڪيل، صحافي، ليکڪ، سياسي ڪارڪن، شاعر ۽ اديب پڻ اسپتال پهتا، جيڪي پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ تائين اسپتال ۾ موجود رهيا. پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وارث ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه تدفين جي لاءِ بدين کڻي روانا ٿي ويا. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پرسرار موت بابت سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن بيچيني پکڙيل آهي ۽ ڪيتريون ئي متضاد ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن. اهو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري باهه جي حادثي ۾ سڙي فوت ناهي ٿيو، پر کيس قتل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن جنهن گهر مان ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه مليو آهي اهو پوليس جي جاچ ٽيم جي تحويل ۾ آهي، واقعي جي جاچ جي لاءِ ايس پي هيڊڪوارٽر جي سربراهي ۾ هڪ جاچ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي.

  1. ”ڊاڪٽر آڪاش جو موت باهه جو نتيجو نه پر قتل آهي“ سڄاڻ ڌرين پاران شفاف جاچ جو مطالبو

حيدرآباد: ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ وقت سول اسپتال ۾ موجود وڪيلن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سندس موت واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي شڪ ظاهر ڪيو آهي ته پوسٽ مارٽم دوران سامهون آيل شاهدين جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو موت باهه لڳڻ واري حادثي جو نتيجو نه پر قتل آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پوسٽ مارٽم وقت سول اسپتال حيدرآباد ۾ موجود نامياري ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽي پنهنجي فيسبڪ اسٽيٽس تي لکيو ته حيدرآباد سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم دوران ڊاڪٽر علم الدين، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، ذوالفقار قادري، رام ڪولھي، اظھار سومرو، ڊاڪٽر بيکارام ۽ ٻيا مسلسل موجود هئا. انهن سمورن ماڻهن سمورا ايڪسري پاڻ ڏٺا. جنهن موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي هڪ ٽنگ جي هڏي ۽ آڱريون ٽٽل آهن. ڳلي ۾ پاسي کان وڏو وڍ ڏنل آهي، ڇاتي کان مٿي ٻن انچن جا گهرا ڌڪ لڳل هئا. ماس نڪتل هو جتان رت وهي رهيو هو، پٺي کان تيز ڌار اوزار سان ڪٽ ڏنل آهن ۽ اتان به مسلسل رت نڪري رهيو هو. پيٽ تي پڻ زخم هئا. هن لکيو ته ڪڏھن جھرڪي کي به ھڪل نه ڏيڻ وارو معصوم دل ڊاڪٽر آڪاش حيوانگي سان قتل ڪيو ويو آهي. ذوالفقار هاليپوٽي عوامي آواز سان پنهنجي ان پوسٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان اسپتال ۾ موجود هئاسين، جيڪو ڪجهه اکين سان ڏٺو اهو بيان ڪيو آهي، هاڻ جاچ ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. پوسٽ مارٽم دوران اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر علم الدين انصاري عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پوسٽ مارٽم دوران آئون اسپتال ۾ موجود هوس، مون پاڻ آڪاش جي جسم تي ڌڪن ۽ وڍن جا نشان ڏٺا آهن. هوڏانهن صحافي امر گرڙي هڪ خبر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالحميد مغل ٻڌايو آهي ته پوسٽ مارٽم جي ابتدائي معلومات دوران ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم تي موت کان اڳ سخت تشدد ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن. نامياري وڪيل اندرجيت لوهاڻي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي پاتل ڪپڙن فرانزڪ ۽ ڪيميڪل رپورٽ ڪرائڻ جي لاءِ پوليس جي حوالي ڪرايا آهن، آڪاش انصاري جي جسم جو مڪمل معائنو ڪيو ويو آهي. سٽي اسڪين ڪرائڻ سميت 50 کان وڌيڪ ايڪسري به ڪرايا آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پٺيءَ تي زخمن جا نشان آهن، جتان هن وقت تائين به رت وهي رهيو آهي. ڳچيءَ تي ڪٽ جو نشان آهي، هڪ ٻانهن جو گوشت به نڪتل آهي، اسان مڪمل معائنو ڪري ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هي قتل جو واقعو آهي. هن قتل جي پٺيان ڪي وڏا هٿ به ملوث ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان وڪيل دوستن جي صلاح مشوري ۽ وارثن جي مرضي سان ڀٽائي نگر ٿاڻي تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پورهيت مزاحمت پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري هاءِ پروفائيل شخصيت هو، ان جو پرسرار موت ٿيو آهي. اظهار سومري چيو ته ظاهري طور تي لڳي رهيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم تي ڇري يا ڪنهن ٻي شي سان ڪٽ ڏنل آهن، هن جي جسم مان گاسليٽ يا پيٽرول جي ڌپ اچي رهي هئي. تشدد جون علامتون هڪ کان وڌيڪ جاين تي آهن. ان ڪري ڪيترائي شڪ پيدا ٿي ويا آهن ۽ هاڻ مڪمل طور تي واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. نامياري دانشور جامي چانڊيو ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر تي پهتو، ان دوران هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڊاڪٽر آڪاش جو ڪمرو ڏٺو آهي، ڪمري جو پويون اڌ حصو سڙيل ۽ اڌ حصو بچيل آهي، هن جو بيڊ، صوفا سيٽ ۽ ٻيون شيون مڪمل طور تي سڙيل آهن. هن چيو ته اسان کي ته اها خبر نٿي پئجي سگهي ته اها باهه ڪيئن لڳي آهي، پر مون سميت سڄي سنڌ کي تمام گهڻو ڏک آهي ته هڪ شاندار شاعر، سٺي ۽ معصوم انسان جو اهڙو دردناڪ موت ٿيو آهي. هن چيو ته منهنجي زندگي جو وڏو حصو آڪاش انصاري سان گڏ گذريو، هو وڏو شاعر هو، هن جي شاعري کي ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳايو، هو محبتون ماڻڻ وارو شاعر هو. نامياري شاعر جاويد سوز هالائي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو اوچتو پرسرار موت تمام گهڻو ڏکائيندڙ آهي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جهڙا نرالا ۽ منفرد شاعر قوم جو اثاثو هوندا آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پرسرار موت بابت شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.

  1. حتمي رپورٽ اچڻ تائين ڪا قطعي راءِ نه ٿي جوڙي سگهجي: ايس پي هيڊڪوارٽر

حيدرآباد: ايس پي هيڊڪوارٽر مسعود اقبال، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايستائين  ڪا حتمي راءِ نٿي ڏئي سگهجي جيستائين جاچ ڪندڙ ماهرن ۽ پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ سامهون نٿي اچي. هن وقت تائين گهر ۾ باهه لڳڻ وارو واقعو شارٽ سرڪٽ جو لڳي رهيو آهي. منهنجي ۽ ايس ايڇ او جي نگراني ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ٿيو. پوسٽ مارٽم ۽ واقعي واري هنڌ جون ڪجهه شيون فارنزڪ جي لاءِ ماهرن کي موڪلي ڇڏيون آهن ۽ جيڪا رپورٽ آئي ان بنياد تي ڪارروائي اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته ڪرائيم سين ۽ فرانزڪ جي ماهرن کان هن تائين جيڪا ايمانداراڻي راءِ ورتي آهي. ان موجب شارٽ سرڪٽ ٿيو آهي ۽ تارون بيڊ کان ڇت تائين سڙيل نظر اچن ٿيون. هن چيو ته اهو ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري ڪي دوائون به وٺندو هو جنهن جي ڪري کيس ننڊ اچي وئي هوندي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو پٽ گهر ۾ موجود هو جيڪو تپش محسوس ٿيڻ تي ننڊ مان اٿي آيو ۽ هن گهر مالڪ منصور سان رابطو ڪيو. جنهن کانپوءِ ريسڪيو 1122 وارن کي اطلاع ڏنو ويو. ريسڪيو ٽيم ئي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو مڙهه کڻائي سول اسپتال پهتي هئي. هن چيو ته گهر ۾ رهندڙ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو پٽ سندس نپايل آهي. 2024ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري پنهنجي ان پٽ خلاف ڀٽائي نگر ٿاڻي تي هڪ ايف آءِ آر به ڪٽرائي هئي. پر بعد ۾ ٻنهي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو هو. هن پوليس جي دير سان واقعي واري هنڌ پهچڻ بابت ٿيل سوال جي جواب ۾ چيو ته پوليس پهچڻ ۾ ڪا به دير ناهي ڪئي. پهرين اطلاع تي پوليس حرڪت ۾ آئي. پوليس اسپتال ۽ گهر تي پهتي. ايس ايڇ او وارثن سان رابطو ڪري کين اهو ٻڌايو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري وڏو نالو آهي. ان ڪري سندس مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ته جيئن شڪ ختم ٿي سگهن.

  1. وڏي وزير پاران ڏک جو اظهار، واقعي جا تفصيل طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نامياري سنڌي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر ۾ باھه لڳڻ سبب  لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. وڏي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته هن واقعي جي ترت جاچ ڪئي وڃي ۽ مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جون ادبي ۽ ثقافتي خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. ھن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌي ادب جو هڪ روشن ستارو هو، جنهن جي شاعريءَ عوام جي دلين ۾ خاص جاءِ ٺاهي.

  1. ڊاڪٽر آڪاش جي وڇوڙي تي افسوس، ڌرتي سان محبت ڪندڙ شاعر وڇڙي ويو

حيدرآباد: سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو افسوسناڪ آهي، آڪاش انصاري پورهيتن، هارين، مسڪين ماڻهن ۽ وطن جي مٽي سان محبت ڪندڙ شاعر هو، آڪاش جي وڇوڙي تي سندس گھرڀاتين سان تعزيت ڪريون ٿا ۽ هن ڏک وارين گھڙين ۾ خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر پنهنجي گڏيل تعزيتي بيان ۾ ڪيو آهي. آڪاش پنهنجي شاعري ۾ هڪ پاسي ظالم ڊڪٽيٽرن ۽ سندن ساٿارين وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن کي للڪاريو ته ٻئي پاسي پنهنجي مارو ماڻهن، پورھيتن ۽ هارين کي ڳايو. آڪاش وطن جي مٽي سان محبت ڪندڙ شاعر هو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ ڪنوينر سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ سيد زين شاھ سنڌ جي ناليواري انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر، ليکڪ ۽ دانشور ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سڙي وڃڻ سبب فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سيد زين شاهه پنهنجي جاري تعزيتي پيغام ۾ شاعر آڪاش انصاري جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سندس   وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آھي ان کي ڀرجي نٿو سگهجي. سيد زين شاهه مطالبو ڪيو ته گهر ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي ھر پهلوءَ کان شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ جامع انڪوائري جي ذريعي واقعي جي سببن جو تعين  ڪري حقيقتون جلد کان جلد سامهون آنديون وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ جي مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ ڊاڪٽر آڪاش انصاري بيمثال شاعر ھجڻ سان گڏ اسان جي سياسي سفر جو ساٿي ھو. سنڌي شاگرد تحريڪ  ھن سياست جي شروعات ڪئي، ضيائي مارشلا دوران ايم آر ڊي ۾ جيل ويو. ڪالاباغ ڊيم، دھشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف جدوجھد ڪئي. آڪاش انصاري سنڌ کي بھترين مزاحمتي شاعري ڏني، جنھن سياسي تحريڪن ۽ مزاحمتي جدوجھد ۾ جوش جاڳايو. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر آڪاش انصاري جي افسوسناڪ  لاڏاڻي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڄ سنڌ هڪ انقلابي شاعر کا محرم ٿي وئي آهي. سندس شاعري جدوجهد ۽ اميد جو عڪس هئي. هن چيو ته آڪاش انصاري جديد دور جو تمام وڏو شاعر هو ۽ نه رڳو شاعري ۾ پر عملي طور به مزاحمتي ڪردار هو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش، سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي دردناڪ وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي، آڪاش سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ۽ خوبصورت شاعر هو، جنهن جي مزاحمتي توڙي رومانوي شاعري هر دور جي نوجوانن کي متاثر ڪري انهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو. پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته اڄ اسان هڪ سٺي دوست ۽ همعصر دور جي بهترين شاعر کان محروم ٿي ويا آهيون. آڪاش انصاري جي وفات تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آڪاش انصاري جي دردناڪ موت تي انتهائي افسوس ٿيو آهي.هن پنهنجي لکڻين ۽ شاعري جي ذريعي هميشه زنده رهندو. آڪاش انصاري پنهنجي شاعري جي ذريعي سنڌ جي قومي مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ قوم کي سجاڳ ڪيوهن عام ماڻهن جي لاءِ شاعري ڪئي سندس شاعري ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ محبت اتحاد ۽ سجاڳي جو درس سمايل آهي ۽ ظلم خلاف نفرت سان گڏ للڪار موجود آهي.   ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وڇوڙي سان يقينن سنڌ ڌرتيءَ لاءِ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. هن ڏک جي گهڙي ۾ سنڌگريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين خالد حسين چنا، سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل بخش علي چانڊيو، سيڪريٽري فنانس نور محمد سيال، احمد حسن پنهور سيڪريٽري اطلاعات، ڊاڪٽر محمد علي راهپوٽو سيڪريٽري صحت، منظور حسين اڄڻ سيڪريٽري تعليم، شهاب الدين شاهاڻي سيڪريٽري ثقافت، حميده خاصخيلي سيڪريٽري عورتن جي ترقي ۽ ٻين مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن پاران سندس وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪجي ٿو.

  1. جسم تي زخم، مڻڪي واري هڏي ڀڳل هجڻ جو انڪشاف

حيدرآباد: سنڌ جي مزاحمتي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي موت بابت ذريعن وٽان اڻ تصديق ٿيل پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ جو ڪجهه شيون منظر عام تي اچي رهيون آهن. اسپتال ۽ پوليس ذريعن موجب ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم تي ڇرين جي وار جهڙا اونها ۽ وڏا زخم موجود آهن. جن مان شڪ ظاهر ٿئي ٿو سندس مٿان ڇرين جا وار ڪيا ويا آهن. ڇرين جا ڇاتي تي زخم موجود آهن ٻنهي ڦڦڙن تائين به زخم آهن. ڳلي تي ڇري جو زخم هجڻ سان گڏ سندس مڻڪي واري هڏي به ڪپيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڳچيءَ ۾ 6، ڇاتي تي 4، پيٽ تي 3، پٺيءَ تي هڪ، ٻانهن ۽ ٽنگ تي به هڪ هڪ ڇري جو زخم آهي. پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ موجب ڊاڪٽر آڪاش مزاحمت نه ڪئي. جنهن مان لڳي ٿو ته کيس ننڊ سمهاري ڇرين جا وار ڪيا ويا آهن. هي ڪارروائي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي لڳي ٿي. ذريعن موجب فارنزڪ رپورٽ کانپوءِ ئي پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري ڪئي ويندي.

  1. لاڙ پٽ جو الله بخش سنڌي ادب جو آڪاش بڻجي نکريو

حيدرآباد/بدين: نامور شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو اصل نالو الله بخش انصاري هو، هن 1956ع ۾ بدين جي ڳوٺ  ابل وسي ۾ لاڙ جي مقامي شاعر الهڏني بديڻوي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده جنت خاتون پڻ هڪ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظه هئي. ڊاڪٽر آڪاش پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ بدين ۾ ڪرڻ کان پوءِ ميڊيڪل سائنس ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان 1984ع ۾ حاصل ڪري، ڪجهه وقت بدين ۾ ڊاڪٽر طور پريڪٽس ڪئي. هو ڪاليج واري زماني کان ئي قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشھور ٿي چُڪو هو. انهيءَ دور ۾ هن کاٻي ڌُر جي سياست ڪندي، عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪيو. ضياءَ جي مارشل لا ۾ قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل به ڀوڳڻو پيو. اُن کانپوءِ جڏهن چئن پارٽين گڏجي “عوامي نيشنل پارٽي” جو بنياد وڌو ته ان ۾ عوامي تحريڪ به شامل هئي. اي اين پي جو مرڪزي صدر خان عبدالولي خان ٿيو، جڏهن ته سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر آڪاش کي مقرر ڪيو ويو. هو 1992ع ۾ عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيو ۽ 1995ع کان صحافت ۾ قدم رکيائين. هن روزاني “سوال”  اخبار شروع ڪئي، جنھن جو چيف ايڊيٽر هو، پاڻ ۽ ايڊيٽر حسن درس ٿيو. اھا اخبار جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سن 2000ع ۾ بندش هيٺ آئي. 2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمنٽ ۾ ايم. اي ڪئي. 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما ڪري، بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم  ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ هڪ سماجي تنظيم “بدين رورل ڊولپمينٽ” ٺاهي، ان طرفان ڪيترا ئي پراجيڪٽ ڪيائين. هن جي ٺاهيل اسڪولن مان هن وقت ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي.

  1. آڪاش انصاري جي هنج ورتل پٽ لطيف جو شڪي ڪردار

حيدرآباد (م ڊ) ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي باهه لڳڻ سبب فوت ٿيڻ وارو واقعو شڪي بڻجي ويو، سندس سئوٽ قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. پٽ لطيف آڪاش موجب، هو گهر ۾ ستيل هو ته اوچتو باهه لڳي وئي، جڏهن ڪمرو کوليو ته آڪاش انصاري سڙيل حالت ۾ مليو، جنهن کي اسپتال نيو ويو، پر هو جانبر نه ٿي سگهيو. لطيف جو چوڻ آهي ته اسان کي هن وقت ڪنهن تي شڪ ناهي، پر جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪمري جو در ٽوڙيو يا ڊرائيور وٽ چاٻي هئي،  خدا ڄاڻي. ٻئي طرف، آڪاش انصاري جي گهرواري حاجاڻي انصاري جو چوڻ هو ته آڪاش هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد ۽ ڪراچي وڃڻ جو ذڪر ڪيو هو، پر رات جو ساڻس رابطو نه ٿيو. هن وائيس ميسيجن جو جواب نه ڏنو. جڏهن پٽ لطيف سان ڳالهه ڪئي وئي ته هن چيو بابا جو دروازو لاڪ آهي. صبح جو خبر پئي ته باهه لڳڻ سبب آڪاش انصاري فوت ٿي ويو آهي. آڪاش انصاري جي سئوٽ حنيفان شڪ ظاهر ڪيو ته هي حادثو نه پر قتل ٿي سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته آڪاش کي پهريان ڪجهه ڪيو ويو ۽ پوءِ باهه ڏني وئي. ان ڪري پوسٽ مارٽم ۽ جاچ ڪرائي وڃي. ذريعن موجب، آڪاش انصاري ماضي ۾ پٽ لطيف تي گهر مان چوري جا الزام هنيا هئا ۽ ڀٽائي نگر ٿاڻي تي سندس خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائي هئي. جڏهن ته آڪاش انصاري جي جسم تي زخمن جا نشان به هئا، جيڪو کيس قتل ڪرڻ جو امڪان وڌائي ٿو. پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته واقعي جي مڪمل حقيقت سامهون اچڻ لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.