اسلام آباد (عمران شفقت) ڪرپشن جي سنجيده الزامن باوجود شهاب علي شاهه کي چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا (ڪي پي) مقرر ڪيو ويو. صحافي حماد حسن موجب، شهاب علي شاهه فيض حميد جي ويجهو رهيو آهي ۽ ماضي ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور جي حيثيت سان فيض حميد کيس 10 ارب رپيا ڏيڻ تي مجبور ڪيو هو، جيڪي ڪينٽ جي بيوٽيفڪيشن جي نالي تي ورتا ويا. شهاب علي شاهه، عمران خان جي حڪومت دوران سيڪريٽري پي اين ڊي (پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ) طور به ڪم ڪري چڪو آهي ۽ کيس مختلف سياسي ڌرين جي حمايت حاصل رهي آهي. رپورٽن موجب، گنڊاپور کيس چيف سيڪريٽري طور مقرر ڪرڻ جو خواهشمند هو.