شير افضل جي سلمان اڪرم تي الزامن کانپوءِ اختلاف تيز

اسلام آباد (منيب فاروق) وڪيل شير افضل مروت طرفان نامور قانوندان سلمان اڪرم راجا ۽ صحافي عمران رياض تي سنگين الزام لڳايا ويا آهن. شير افضل دعويٰ ڪئي آهي ته سلمان اڪرم راجا سندس  پارٽي مان نيڪالي جو سبب بڻيو، جڏهن ته عمران رياض ڪي پي جي وزيراعليٰ هائوس ۾ ويهي مائننگ جا ٺيڪا وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هو. شير افضل طرفان لڳايل الزامن جا اڃا تائين ڪابه شاهدي سامهون ناهي آئي، پر ان بيانن سان تحريڪ انصاف جي اندروني اختلافن کي وڌيڪ هوا ملي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.