ملڪ ۾78 سالن کان ظلم جو نظام لاڳو آهي: سراج الحق

ڪراچي/ٽنڊومحمد خان(نمائندن وٽان ) جماعت اسلامي پاڪستان جي اڳوڻي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾78 سالن کان  ظلم جو نظام لاڳو آهي، پ پ، (ن)ليگ ۽ پي ٽي آءِ ان ظلم واري نظام جا سهولتڪار بڻيل آهن، اسان قرآن کي مسجدن مان ڪڍي اسلام آباد جي ايوانن ۾ تخت تي ويهاري ظلم واري نظام جو خاتمو چاهيون ٿا، پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو، پر هتي نه اسلام آهي ۽ نه ئي جمهوريت بلڪه رشوت، ڪرپشن، طلم ۽ انگريز جو نظام لاڳو ٿيل آهي. ملڪ 1947ع ۾ آزاد ٿيو، پر اسين اڄ به غلام بڻيل آهيون، اڄ به ماڻهو فٽ پاٿن تي سمهن ٿا، 03 ڪروڙ ٻارڙا تعليم کان محروم ۽ 85 فيصد عوام پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن ڇو ته هتي انصاف جو نه پر ظلم جو نظام نافذ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊومحمد خان لڳ ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ مدرسه جنت الفردوس ۾ تڪميل قرآن واري ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي پاران قائم ڪيل مدرسن ۾ فرقيواريت بدران امت جي اتحاد جو فلسفو پڙهايو ٿو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته سياست، معيشت، عدالتي نظام ۽ تعليمي نظام کي قرآن جي ٻڌايل اصولن تي خلافت ذريعي قائم ڪيو وڃي، هن چيو ته غريبن لاءِ سرڪاري اسڪول آهن جن ۾ نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه ئي واش روم ۽ بجلي آهي، تعليم ڏيهنون ڏينهن مهانگي ٿي رهي آهي، موجوده نظام فساد جي پاڙ آهي جنهن خلاف جدوجهد ڪرڻ به جهاد آهي. ديني مدرسا اسلام جا قلعا آهن. اسان کي جڏهن به اقتدار مليو ته ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام نافذ ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته جماعت اسلامي روز اول کان ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف واري نظام لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جنهن ۾ عام ماڻهو کي تعليم، صحت، روزگار ۽ علاج جون سموريون سهولتون مُفت ۾ ميسر هجن ۽ ملڪ مان وياج واري نظام جو خاتمو ٿي سگهي. رياست، سياست، حڪومت ۽ معيشت توڙي عدالتن ۾ قرآن ۽ سنت جو نظام نافذ ٿئي. ملڪ ۾ معاشي بدحالي، قرضن جو بار، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو سبب نااهل، ڪرپٽ ۽ مغرب توڙي اسٽيبلشمنٽ جي اشارن تي نچڻ وارا حڪمران آهن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اپر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ نافذ آهي، ماڻـهن کي جهنگ جي جانورن وانگر پڪڙي پڃرن ۾ بند ڪري ڀُنگ طلب ڪئي ٿي وڃي، پيپلزپارٽي جي 17سالن جي دور حڪومت ۾ خود لاڙڪاڻي شهر جا شهري به ڏوهارين کان محفوظ ناهن، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ جماعت اسلامي 16 فيبروري تي (اڄ) شڪارپور ۾ ڌرڻو ڏئي رهي آهي، عوام پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سجاڳي جو ثبوت ڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.