اسلام آباد (امداد سومرو) سپريم ڪورٽ ۾ 6 نون ججن حلف کڻي ورتو آهي جن جي تقرري 26هين آئيني ترميم بعد ٿي آهي. حلف برداري تقريب ۾ اهي جج سڳورا به شريڪ ٿيا جن خط لکيو هيو ته 26هين آئيني ترميم جو فيصلو ٿيڻ تائين تقرريون نه ڪيون وڃن. ان تقررين جي لاءِ جيڪو آئيني بينچ جو اجلاس ٿيو هيو ان خلاف ان ڏينهن وڪيلن پاران احتجاج به ڪيو ويو هيو. تقريب کان پوءِ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جڏهن ريفرنس ايندو ته ڏٺو ويندو باقي منهنجو ڪم موجود آهي هر ڪو ڏسي سگهي ٿو .ٻئي پاسي راناثناالله جي ابتڙ عرفان صديقي ريفرنس آڻڻ جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙو حڪومت جو ڪو به ارادو ناهي. سو لڳي ٿو ڪٿي نه ڪٿي معاملا حل ڪيا ويا آهن جو جسٽس منصور علي شاهه اجلاس ۾ ته نه ٿو وڃي پر حلف برداري تقريب ۾ شريڪ ٿئي ٿو.ان کان اڳ هو قاضي فائز عيسيٰ جي ريفرنس ۾ شريڪ نه ٿيو هيو. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شير افضل مروت جڏهن آيو ته سڀني تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪئي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائندي هن چيو ته منهنجو سوال حڪومت کان نه پر پنهنجي پارٽي کان آهي ته مجهي ڪيون نڪالا…جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.۽ پي ٽي آئي وارا لڄي لڄي نظر آيا.