ڪئنالن خلاف 21 فيبروري تي ٻٻرلو وٽ ڌرڻو هڻنداسين: نياز ڪالاڻي

ٽالپروڏا (رپورٽ: ممتاز علي اوٺو) ٽالپر وڏا ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقير امداد علي منگي، اڪبر مڪول، جساف اڳواڻ  عبدالحنان عباسي، رشيد سنڌي جي ڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آھي، سنڌي ماڻھن کان سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھي جيئڻ جو حق کسيوپيو وڃي، سنڌ جي ماڻھن کي درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف گھرن مان نڪرڻو پوندو، پيپلزپارٽي وارن اقتدار خاطر درياھ تي ڪئنال اڏڻ جي اجازت ڏني، ھاڻي عوامي رد عمل ڏسي مخالفت جا ھوڪا ڏيئي سنڌ جي عوام کي ڌوڪو ڏيئي رھي آھي.، جيستائين سسي ۾ ساھ آھي مزاحمت ڪنداسين، هن چيو تہ 21 فيبروري تي ٻٻرلو باءِ پاس وٽ روڊ بلاڪ ڪري 24 ڪلاڪن جو احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.