اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ڳٺ جوڙ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي اپيلن لاءِ ٺاهيو ويو آهي. سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اجلاس.سينيٽر علي ظفر چيو ته هي بل صحافين جي تحفظ سان لاڳاپيل آهي. هن بل کي جلد منظور ڪيو وڃي، ميڊيا هن وقت سينسر شپ ۾ آهي، عمران خان جو نالو نٿو لکي سگهجي. پي ٽي آءِ سينيٽر وڌيڪ چيو ته 26هين آئيني ترميم ۾ خاميون آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪو ڳٺ جوڙ ڪيو پيو وڃي ان جو تعلق عمران خان ۽ سندس گهرواري جي اپيل سان آهي.