چائلڊ پورنو گرافي ۽ آن لائن مالي فراڊ ۾ برطانوي سمن جو استعمال

اسلام آباد (م ڊ) سائبر ڪرائمز جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل وقارالدين اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان  ۾ سائبر ڪرائم هڪ انتهائي ڏکيو معاملو آهي، کاتو غيرقانوني طور تي پرڏيهي سمون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ برطانيا جون سمون استعمال ٿي رهيون آهن، غيرقانوني موبائيل سمون ڏوهن لاءِ استعمال ٿين ٿيون، جڏهن ته اڳواٽ ايڪٽيويٽ ڪيل برطانوي سمون آن لائن آرڊر تي آسانيءَ سان دستياب آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز به آن لائن آرڊر ڏيڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا ۽ اهي سمون چائلڊ پورنو گرافي ۽ آن لائين مالي فراڊ ۾ به استعمال ٿي رهيون آهن، هن چيو ته دهشتگرد ڪنهن نه ڪنهن ذريعي رابطي لاءِ وسيلو اختيار ڪندا آهن، پرڏيهي سمون به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.