لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي 2 هندو واپارين کي گوليون هڻي زخمي ڪري روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مڇي مارڪيٽ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪرياني دڪاندار رونق آهوجا کي زخمي ڪيو، جڏهن ته دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ تي الله والي مسجد وٽ ٻئي واپاري سنجي ڪمار تي حملو ڪري کيس به زخمي ڪري ڦرلٽ ڪئي وئي. واقعي بعد جي ڊي اي اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو زخمين سان عيادت ڪئي، جڏهن ته سهيل انور سيال ٽراما سينٽر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي زخمين جي علاج لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.