هندو واپارين سان پيش آيل واقعو ٽارگيٽ هو يا سازش، جاچ ٿئي پئي: سهيل انور سيال

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد  ابڙو) اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ٻه هندو نوجوان زخمي ٿيا جن مان هڪ جي حالت سڌرندڙ آهي، چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي هدايتن تي زخمي سنجي ڪمار کي ايئر ايمبولينس جي ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ ٻن هندو واپارين سان پيش آيل واقعو نه رڳو هندن پر صوبي سميت هر پاڪستاني ۽ هر مڪتب جي خلاف سازش آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي اقليتي برادري سان گڏ آهي جيڪي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوليس کي فري هينڊ ڇڏي ڏنو آهي اپ گريڊ ڪري جديد هٿيار ڏنا آهن. نئون ديرو واري واقعي ۾ به پوليس مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعو ٽارگيٽ آهي يا سازش ان معاملي کي پوليس ڏسي رهي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن اِها دعويٰ ناهي ڪئي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال مثالي آهي، حالتون اڳ کان ڪافي بهتر آهي. جتي قبيلائي ڏوهه ٿين ٿا اهي علائقا ڏوهن جي نرسري بڻجي ٿا وڃن اهڙن واقعن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ ايترا وسيلا ناهن پر هر شهري کي گهرجي ته هو پوليس سان سهڪار ڪن.  سهيل انور سيال موجب سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽي جو موقف چٽو آهي. هن چيو ته اڳوڻي ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي بدلي کي سيال هائوس تي فائرنگ واري واقعي سان نه جوڙيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.