حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران فيبروري جي مهيني کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم ڪري ملهائڻ جي سلسلي ۾ 14 هين فيبروريءَ کي سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي ڏينهن طور ملهايو ويو، ان ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ حيدرآباد مان صحيحن جي مھم جي سنڌ گير مھم جي شروعات ڪئي وئي آهي. اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي پھرين صحيح ڪري هن مرحلي جي ابتدا ڪئي، ان موقعي تي ناليواري ليکڪ عزيز گوپانگ، پرڏيهه ۾ رهندڙ شمس الدين لاکي، سجاد مرزا سميت سوين ماڻهن سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري سامهون اداري جي لڳايل ڪئمپ تي پنهنجون صحيحون ڪري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ واري مطالبي جي توثيق ڪئي، اداري پاران مھم لاءِ خاص طور سينگاريل گاڏي، سنڌي ٻولي جي تاريخي حيثيت بابت پرچاري مواد ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت تي ٻڌل گيت کڻي، حيدرآباد شھر جي مختلف علائقن ۽ چوڪن تي پهتي، جتي عالمن، اديبن ۽ ناليواري شخصيتن ڊاڪٽر فتح محمد مري، سميع بلوچ، ڀون سنڌي، مرتضئ سيال، ڊاڪٽر امداد چانڊيي، نظير قاسمي، ڊاڪٽر ذوالفقار علي، بختاور ڄام، مقبول مارو، آسي زميني، محب آزاد، سارنگ ڄام، بخشل باغي سميت سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ اٽڪل ڏيڍ هزار ماڻهن صحيون ڪري، پنھنجي ٻوليءَ سان محبت جي هن تحريڪ جو حصو بڻيا، اداري پاران سنڌ جي هر رهواسيءَ کي هن مھم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ صحيحون ڪرڻ ۽ آن لائن پٽيشن ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
، اڄ 15 فيبروريءَ کان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مھم جي گاڏي ڪوٽڙي، ڄام شوري، المنظر سميت حيدرآباد ۽ آس پاس جي مختلف علائقن ۾ ويندي، جڏهن ته سومر 16 فيبروري کان هالا رستي سکر تائين ويندي ۽ لاڙڪاڻي کان ٿي واپس حيدرآباد ورندي، جتي سنڌي ٻولي پرچار ڪميٽين سميت سنڌي ادبي سنگت، سگا، آرٽس ڪائونسلن جا ڪارڪن توڙي پنھنجي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙ ليکڪ، اديب، استاد، شاگرد ۽ سمورا ساڃھ وند ان مھم لاءِ صحيون وٺندا. گڏوگڏ پنھنجي پنھنجي شھر جي ماڻهن، شاگردن ۽ واپارين کي هن مھم بابت آگاهي ڏيندا ۽ صحيون پڻ ڪرائيندا.