حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو چيو ته قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف 16 فيبروري نصرپور چوڪ کان ميڊيڪل چوڪ تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. اشرف پليجي چيو ته نوان ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ جي زراعت مڪمل ختم ٿي ويندي ڪوٽڙي بئراج جو وجود نه رھندو. پيپلز پارٽي پنهنجي اقتداري دور ۾ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي گرين پاڪستان ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي.