حيدرآباد(پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻي تي جاري ڌاڙي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي غيرقانوني ۽ غيرآئيني عملن تي سخت تنقيد ڪئي آهي، چيو آهي ته، "پنجاب زبردستي ڪوڙن قانونن ۽ غيرآئيني طريقن سان سنڌ جي پاڻي مٿان ڌاڙو هڻي رهيو آهي، گريٽر ٿل ڪئنال تي سنڌ کي پهرين ڏينهن کان اعتراض هو ۽ سنڌ ان جي مخالفت ڪندي رهي آهي، سنڌ جي عوام گريٽر ٿل ڪئنال خلاف ڀرپور احتجاج رڪاڊ ڪرايو آهي، هن چيو، "1991 جي معاهدي تي عمل نه ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ اهو واضح طور تي چيل آهي ته سنڌ ۾ جڏهن واڌو پاڻي هوندو، تڏهن جهلم چشما لنڪ ڪئنال کوليو ويندو، پر سنڌ سان ناانصافي ڪندي جبري طور ان کي ٻارنهن مهينا کوليو پيو وڃي، گريٽر ٿل ڪئنال سميت نوان 6 ڪئنال سنڌ کي قبول ناهي، ۽ سنڌ ان رٿائن جي خاتمي تائين پنهنجي جدوجهد ۽ احتجاج جاري رکندي.