حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻهو گريٽر ٿل ڪئنال کي رد چڪا آهن، پنجاب سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي ماڻهن مارڻ چاھي ٿو،ارسا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھي ٿي، ارسا ۽ سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. 150 سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي، ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن، ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن.