اسلام آباد (م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ پاڪستان ۾ به 16 فيبروري کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب في ليٽر پيٽرول جي قيمت 2 روپيه 49 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 9 روپيه 11 پئسا گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. انهي کان علاوه هڪ ليٽر گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 روپيه 45 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 روپيه 60 پئسا گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. منظوري کان پوءِ ناڻي واري وزارت نئين قيمتن جو اعلان ڪندي.
-
هاءِ ڪورٽ پاران عامر لياقت ڪيس جي حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيل طلب
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عامر لياقت حسين جي قتل ڪيس جي ماتحت عدالت جي فيصلي جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي، پوليس موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عامر لياقت حسين قتل ڪيس ۾جنهن ملازمن جي بطور جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، هنن جا موجوده ايڊريس ملي نه رهيا آهن، نامزد جوابدارن جي ايڊريس غلط هجڻ جي ڪري نوٽيس نه پهچائي سگهيا آهيون، دانيا شاهه جي وڪيل لياقت گبول چيو ته پوليس غلط بياني ڪري رهي آهي، پوليس ماتحت عدالت ۾ سمورن نامزد ماڻهن جي بيانن ۽ مڪمل ايڊريس جمع ڪرائي آهي، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي نامزد ماڻهن جي نوٽيس جا تفصيل ۽ بيان عدالت ۾ جمع ڪرائين، درخواستگذار دانيا شاهه جو چوڻ آهي ته منهنجي عامر لياقت سان شادي 5فبيروري2022ع ٿي هئي ، 24اپريل 2022ع پنهنجي گهروارن کان لوڌران ملڻ وئي هئس،9 جون 2022ع عامر جي موت جي خبر پئي، دانيا شاهه جو چوڻ هو ته ملازمن ممتاز علي، جاويد،ثاقب سميت ٻيا منهنجي شادي کان خوش نه هئا، ماتحت عدالت دانيا شاهه جي درخواست رد ڪئي هئي جنهن هن ملازمن تي قتل ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.