محمود اچڪزئي جو حڪومت سان ڪميٽين ۾ نه ويهڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) محمود اچڪزئي حڪومت سان ڪميٽين ۾ نه ويهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيائين ته مان سڀني ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏيان ٿو جن جو حڪومت حصو آهي، تحريڪ انصاف کي به چوان ٿو ته اهي به حڪومتي ڪميٽيون ڇڏي ڏين. هن پي ٽي آءِ کي صلاح ڏني ته اسان کي پارليامينٽ ٻاهران پنهنجو ايوان لڳائڻ گهرجي جنهن جو اسپيڪر اسد قيصر هجي، اسان جا ميمبر 100 کان وڌيڪ آهن، اهي هوندا ۽ عوام کي ٻڌائيندا ته هي اصل نمائنده پارٽي آهي. هن چيو ته مان ته پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته هي جعليٰ پارليامينٽ آهي، تاريخ ۾ ڪڏهن به آءِ ايم ايف جو وفد عدالت نه ويو. ترڪيه ۾ آرمي چيف جو وڏو ڪردار هو جنهن اردوان کي عهدي تان هٽايو پر اتان جو عوام نڪتو ۽ آئين جو ساٿ ڏنو ۽ طيب اردوان کي ٻيهر عهدي تي پهچايو. بئريسٽر گوهر چيو ته ايوان جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، اسان ڪوشش ڪئي ته ايوان هلي، اسان کي پوائنٽ آف آرڊر نه مليو جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. صاحبزاده حامد رضا چيو ته هن سال پارليامينٽ ۾ حملو ٿيو، اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ايجنڊا تبديل ڪئي وئي.

، اسان کي مسئلن تي ڳالهائڻو هو پر موقعو نه ڏنو ويو، اوهان کي ٽڪرائڻ جو شوق آهي ته پوءِ اسان اچي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.