مشهور نوحه خوان نينگر ڪاظم علي سميت 5 ڄڻا مانجهند حادثي ۾ فوت

مانجهند(رپورٽ: بابو عمراڻي ) مانجهند ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگي انڊس هاء وي اسٽاپ تي غلط سائيڊ تان اچڻ ڪري ٻن ڪارن  ۾  آمهون سامهون زوردار ٽَڪر  ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ خيرپور کان ڪراچي  ويندڙ ڪار سوار مشهور قصيده  نوحه ۽  منقبت خوان گلگت بلتستان واسي نينگر 16 ورهين جو خواجه ڪاظم علي، 25 ورهين جو خواجه نديم علي، ڪراچي واسي نوحه خوان 30 ورهين جو سيد جان علي شاھ، مشهور مذهبي شخصيت مرحوم حسن علي ترابي جو پٽ 22 ورهين جو زين علي بوترابي ۽ ڪار ڊرائيور سنگرار سکر واسي 35 ورهين جو عبدالغني ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ٻي ڪار سوار لاهور واسي محمد اسحاق ولد ايوب نيازي، ماجد ولد فيروز نيازي، احسن ولد الطاف نيازي، بلال ولد جهانزيب شديد زخمي ٿي پيا، ٻنهي گاڏين ۾ زوردار ٽَڪر سبب  زخمي ۽ فوتين جا مڙھ ڪيتري دير تائين گاڏين ۾ ڦاٿل رهيا، جنهن کانپوء ريسڪيو رضاڪارن حادثي واري هنڌ پهچي ڪٽر مشين سان گاڏيون ڪٽي زخمين ۽ فوتين جي مڙھن کي ڪڍي مانجهند جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي کڻي ايندڙ ماڻهن هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻن ملازمن کي ننڊ مان اٿاري زخمين کي ڏيکاريو، ڊاڪٽرن عملي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب زخمي ڪجهه ڪلاڪ تڙپڻ کان پو۽ ايمبولنس ذريعي حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، جن مان وڏا ڇڇر پوليس ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏھن ته فوتين جا مڙھ مانجهند تعلقه اسپتال مان وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.