شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار اصغر لنڊ ۽ عبدالله لنڊ پيش

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: پريم راٺوڙ) شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ميرپورماٿيلو ۾ ٿي، جنهن دوران پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي پيش ڪيو، جڏهن ته عبدالله لنڊ به عدالت ۾ پيش ٿيو، فريادي ڌر پاران شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پيش ٿيو، جڏھن ته شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جو وڪيل صلاح الدین پنهور عدالت پهتو، جنهن چيو ته سينيئر وڪيل عبدالرشيد ڪلوڙ جي تازو ٿيل فوتگي سبب عدالتي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي آهي، ان ڪري عدالت پاران 7 مارچ تائين ٻڌڻي معطل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.