ڪيترا ماڻهو ٿا سمجهن ڪُوڙ آ
ڪيئن فرشتا، ڀونءِ تي ايندا لھي
هن رات ۾….
ڇا اهي توکي وٺڻ آيا هئا، سيون ڪزن جيان
هن دفعي ڇا آسمانن جي آ ٽوئر…؟
ڪيترا ماڻھو ٿا سمجھن ڀوڳ آ،
ڪابه ويلنٽائين ڪونھي،،،
يا وري سڀ سچ آهي،
ٻيا سڀ ٿا ملهائين ڪُوڙ جو ويلنٽائين،
پر تون رومانٽيڪ آن حقيقي
ڪيئن وڃي پنهنجي ويلنٽائين سان ملين….
ڪيترا ماڻهو ٿا سمجھن ڪا سماجي ڪانھي خدمت
پر مفاد آ ذاتي سڀ جو،
هاڻي ڇا سڀني کي پوندي هيءَ خبر
تو ته پنهنجي زال ۽ هڪ پٽ لاءِ
پينشن واري نوڪري ڀي ڪانه ڪئي…
تون بس پورو جيئن حاضر جي وهندڙ
وقت جي درياھ ۾…
ڇا اهي سڀ هٿ هڻندا
جيڪي توکي لالچي چوندا هئا،
يا اهي هاڻي وري
ڌوڙ وارن ۾ ڀريندا…
تنهنجي ويلنٽائين تنهنجو ڳوٺ هئو
بابي امان وارو اڱڻ هئو آسمام تنهنجو،
تو سفر پورو ڪيو….
اين جي اوز جي دنيا جو شھرت ماڻيل شخصيت پرويز پيرزادي جي دل جي دوري سبب لاڏاڻي تي سندس وڏي ڀاءَ جو ننڍي ڀاءَ کي الوداعي ٽربيوٽ، شاھ محمد ڀاءُ جي اوچتي لاڏاڻي جي ھي دکدائڪ خبر لاھور ۾ ٻڌي.