آمريڪي ثقافت جي عالمي يلغار

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

آمريڪي عملدار اڪثر هڪ ڳالهه جي ڊاڙ ضرور هڻندا آهن، جيڪا آمريڪي طرزِ زندگيءَ تي فخر ڪرڻ جي هوندي آهي. هو جتي به ويندا آهن، اتي آمريڪي ثقافت ۽ زندگي گذارڻ جا آمريڪي قدر ساڻ کڻي ويندا آهن. نه رڳو ايترو پر آمريڪا جي هالي ووڊ اسٽوڊيو مان تيار ڪيل فلمن جو سڄي دنيا ۾ ڦھلاءُ ڪيو وڃي ٿو ۽ هالي ووڊ اداڪار ۽ اداڪارائون هن ڌرتيءَ جي ثقافتي دنيا مٿان راڄ ڪندڙ هيروز ۽ هيروئنون ليکيا وڃن ٿا.

آمريڪي فلم انڊسٽري عالمي مارڪيٽ تي غالب آهي ۽ هر سال فلمون ٺاهڻ تي ۽ ڪھاڻيون برآمد ڪرڻ (Exporting) تي اربين ڊالر خرچ ڪري رهي آهي. اها ان طرح سان سڄي دنيا ۾ آمريڪي قدر ڦھلائي رهي آهي جھڙوڪ انصاف جا آمريڪي ماڊل، تعليم، حڪومت سازي، نائيٽ ڪلبون، شراب نوشي، عريانيت، تشدد (Violence) جا طريقا وغيره. هالي ووڊ دنيا جو هڪ تصور برآمد ڪري ٿي جنھن ۾ سٺن ۽ خراب ڪردارن جي سڃاڻپ واضح هوندي آهي. سرد جنگ دوران، هالي ووڊ فلمن جا وِلين روسي هئا پر هاڻي اهي اسامه بن لادن جھڙا دهشت گرد آهن. 1999 کان وٺي آمريڪا جو آرٽ ۽ ڪلچر شعبو ڦھلجي رهيو آهي. 2012 کان اهو ساليانو 3 سيڪڙو وڌيو آهي، جيڪو آمريڪي معيشت ۾ 700 ارب ڊالرن کان مٿي جو اضافو ڪري رهيو آهي (يعني آمريڪا جي ڪل GDP جو 4.5 سيڪڙو). آرٽ ۽ ڪلچر، برآمدات جي لحاظ کان آمريڪا جو ٻيو وڏي ۾ وڏو شعبو آهي، جنھن ۾ پرفارمنگ آرٽس، انفرميشن سروسز، آرڪيٽيڪچر، ايڊورٽائيزنگ ۽ فائين آرٽس شامل آهن پر فلمون ٺاهڻ ان جو وڏو شعبو آهي. فلمن جي دنيا ۾، يورپين آڊيو ويوئل آبزرويٽري مطابق آمريڪي فلمون، فلمن جي عالمي مارڪيٽ جو 70 سيڪڙو حصو والارن ٿيون، جڏهن ته يورپين فلمون 26.2 سيڪڙو ۽ باقي دنيا جون فلمون 3.8 سيڪڙو جوڙن ٿيون.

پينٽاگون (آمريڪا جو فوجي هيڊڪوارٽر) آمريڪي فلمن جي پراڊڪشن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، 1927 ۾ خاموش فلم – وِنگس ٺاهڻ ۾ آمريڪي فوج مدد ڪئي، خاص ڪري پھرين عالمي جنگ جي فضائي جنگ جون سينون ٺاهڻ ۾. جڏهن آمريڪا ٻي عالمي جنگ ۾ داخل ٿيو، فلم انڊسٽري ۽ پينٽاگون وچ ۾ هي سهڪار اڃا وڌيڪ ويجهو ٿي ويو، جنھن ۾ اهڙيون فلمون ٺاهيون وڃڻ لڳيون جيڪي آمريڪي ماڻهن کي فوج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هڪ پروپيگنڊا طور ڪم اچڻ لڳيون ۽ جنگ جي حمايت ۾ ماڻهن جو رايو/ راءِ عامه ٺاهڻ لڳيون. هي سھڪار 1945 تائين ختم نه ٿيو پر چئن سالن کان پوءِ پينٽاگون، انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۽ آمريڪي فوج وچ ۾ سھڪار لاءِ باقاعده هڪ هدايتنامو (Instruction manual) تيار ڪيو. ان هدايتنامي مطابق فلم ٺاهيندڙن کي ڪجهه شرط قبول ڪرڻا پوندا آهن (اهي ته هو فلمن ۾ آمريڪي فوج جو مثبت تصور پيس ڪندا، فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ ۽ رهڻ کي همٿائيندا ۽ آمريڪي حڪومت جي پاليسيءَ مطابق هوندا). جيڪي فلم پروڊيوسر اهي شرط پورا ڪندا، انھن کي آمريڪي اڏن تائين کليل رسائي ڏني ويندي، کين ٽئنڪون، هيلي ڪاپٽر، آبدوزون، ايئرڪرافٽ ڪيريئر ۽ آمريڪي فوجي سپاهي بطور اضافي اداڪارن جي (Extras) ڏنا ويندا. هڪ ويب پيج تي ڇپيل مضمون ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪي فوج ۽ جاسوسي ادارا 800 ڪامياب فلمن تي ۽ هڪ هزار کان مٿي ٽي وي پروگرامن تي اثرانداز رهيا آهن، ان مضمون ۾ ٽام سيڪر ۽ ميٿيو الفورڊ اهو دستاويز پڻ ڏيکاريو جنھن ۾ پينٽاگون ۽ سي آءِ اي ۽ آمريڪي حڪومت فلمن جي پلاٽن ۾ هٿ چراند ڪئي ۽ اهي فلمون روڪي ڇڏيون، جيڪي فوج يا جاسوسي ادارن مٿان تنقيد ڪندڙ هيون. آمريڪي فوج اهڙي ڪنھن به فلم جي اسڪرپٽ تبديل ڪري سگهي ٿي، جيڪا ويٽنام جنگ، ايران – ڪنٽرا معاملي يا فوجي ادارن ۾ خودڪشين بابت هجي. مطلب ته هالي ووڊ، آمريڪا جي قومي سلامتيءَ جي مفادن لاءِ سڄي دنيا ۾ هڪ پروپئگنڊا مشين طور ڪم ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.