غوثپور (عبدالجبار اوڳاھي عوامي آواز ) غوثپور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڊاڪٽر سندر لعل بالاڻي کي ڪچي جي ڏوهاري پاران راڪيٽ لانچر جو گولو ۽ ڀتي جي پرچي ملڻ خلاف غوثپور صحافين جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪري دولي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو مظاهرو ان موقعي صحافي جمال الدين اوڳاھي،شير زمان بجاراڻي،نارائڻ ناز،عبدالسميع بجاراڻي ۽ ٻين چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي اھڙن واقعن تي سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا خاموش ويٺا آھن سنڌ سرڪار امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي،