لاهور (م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته شهباز شريف جي محنت رنگ لاتو آهي ۽ آءِ ايم ايف به پاڪستان ۾ معاشي بحالي ۽ ترقي ڏانهن وڌڻ جو اعتراف ڪيو آهي، لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف چيو ته زوال جو رخ ترقي ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي، رپيو مضبوط ٿيو ۽ گروٿ وڌي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج بلند ترين سطح تي آهي، مهانگائي گهٽجي رهي آهي، هن چيو ته بي ايماني سان آيل هڪ شخص ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا هئا پر اسان پاڪستان خاطر کلندي قربانيون ڏنيون، اڳتي به نه ڪيٻائينداسين.