ڪورٽ پئڪنگ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ ٿئي پئي: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران خان آرمي چيف کي ٽيون خط جاري ڪري ڇڏيو. صحافين سان  ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني آرمي چيف کي ٽيون خط جاري ڪيو آهي، خط ۾ اليڪشن فراڊ ذريعي اقليت کي اڪثريت تي ترجيح ڏيڻ جو معاملو اٿاريو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته مني لانڊررز کي اقتدار ۾ ويهاريو ويو آهي . عمران خان خط ۾ چيو آهي ته دهشتگردي رول آف لا نه هجڻ سبب وڌي رهي آهي، 18 لک ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا آهن، 20 ارب ڊالرن جو سرمايو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي، ڪورٽ پيڪنگ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ ڪئي پئي وڃي. خط ۾ اڳوڻي وزيراعظم دهشتگردي جي سببن جو ذڪر ڪندي چيو ته قانون جي حڪمراني نه هجڻ سبب دهشتگردي وڌي رهي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ خلاف ڪرڪ ڊائون ڪرڻ جي کوٽ آهي، قانون جي حڪمراني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان 140 هين نمبر تي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.