ڪراچي ۾ ڊمپر ساڙڻ خلاف ٽرانسپورٽرن جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران ٽرانسپورٽر ايسوسيئشن پاران ٽرانسپورٽرن خلاف ٿيندڙ ڪارروائين خلاف صدر انصاف ٽرڪ ڊمپر ايسوسئيشن ميان جان، چيئرمين يونائيٽڊ گوڊز ٽرانسپورٽيشن غلام ياسين خان، چيئرمين آل پاڪستان آيل ٽينڪرز اونر ايسوسئيشن لالا گل فراز جدون،مني بس ٽرانسپورٽيشن عبدالرحمان، ڊمپر ايسوسئيشن حاجي خير زمان خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ان موقعي تي ميان جان جو چوڻ ھو ته ڪراچي جا روڊ پاڻ پنھنجو حال بيان ڪري رھيا آھن، بھتر آھي ته حڪمران اسان تي آڱر کڻڻ بدران ڪراچي جي روڊن کي بھتر بڻائن ھن وڌيڪ چيو ته اسان شھرين جي نقصان ۾ برابر جا شريڪ آھيون ۽ ھر قسم جي سھڪار لاءِ تيار آھيون پر عوام سان گذارش ڪيون ٿا ته مھرباني ڪري ڪنھن جي چوڻ ۾ اچي انتشار نه پکيڙين اسان عوام سان اپيل ٿا ڪيون ته پنھنجي ڪاوڙ جائز مطالبن لاءِ ڏيکارين۽ ڪراچي جي روڊن تي آواز اٿارن.چيئرمين يونائيٽڊ گوڊز ٽرانسپورٽيشن غلام ياسين خان جو چوڻ ھو ته ڃاڻي واڻي سازش تحت ٽرانسپورٽرن خلاف عوام کي ڀڙڪايو پيو وڃي، آفاق احمد لسانيت پکيڙڻ ٿو چاھي، ھو ڪراچي جي خوشحالي مان خوش ناھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.