ڪراچي(رپورٽر)گورنر سنڌ ڊمپر هيٺان چيڀاٽجندڙ شهرين جي موت کي ٽريفڪ تشدد قرار ڏئي ڇڏيو، ڪامران ٽيسوري چيو ته شهر ۾ نمبر پليٽ کانسواءِ ڊمپر هلي رهيا آهن، ڪو به قانون ناهي،هن چيو ته ڪو افغانستان مان ڊمپر هلائي هتي اچي ٿو، ڊمپر بغير نمبر پليٽ جي هلي رهيا آهن، شهر ۾ قانون ناهي؟ڪامران ٽيسوري چيو ته آفاق احمد کي جيتري تيزيءَ سان گرفتار ڪيو ويو،ماڻهو ماريندڙ ڊمپر ڊرائيورن جي گرفتاريءَ ۾ به ايتري تيزي ڏيکاريو،ٽريفڪ حادثن جو شڪار شهرين جي وارثن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ هن چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، توهان جيتري تيزيءَ سان گرفتاري ڏيکاري، اوتري تيزيءَ سان قاتل ڊمپر جي ڊرائيور ۽ مالڪن خلاف به ڏيکاريو وڃي.