سنڌ جا پرائمري استاد تقريبن پنجن سالن کان مسلسل سروس اسٽرڪچر۔انيشل اپوائنٽمينٽ کان مستقل ڪرڻ، بايو مئٽرڪ جو سسٽم ضلعي سطح تي منتقل ڪرڻ۔اسڪولن ۾ فرنيچر، بنيادي سھولتن جي کوٽ ختم ڪرڻ، ايس۔ٽي۔آر پاليسي تحت ٿيندڙ بدلين ۾ استادن خلاف انتقامي ڪاروايون ۽ ڏورانھن علائقن ڏانھن بدليون ڪرڻ ۽ ايس۔ٽي۔آر پاليسي 30شاگردن بدران 40 شاگردن تي ھڪڙو استاد مقرر ڪرڻ خلاف وقت بوقت احتجاج ڪندا رھيا آھن۔جن سان تعليم کاتي جا آفيسر ڳالھين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جو لولي پاپ ڏيئي ڳالھين ۽ مسئلن جي حل لا۽ ڪاميٽيون جوڙي جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو خاطريون ڏيندي وقت پاس ڪندارھيا۔ پر استادن جو ڪوبه مسئلو حل نه ٿيو۔پرائمري استادن مجبور ٿي احتجاج جو اعلان ڪري ڪراچي پريس ڪلب تي پھتا۔جتي به ساڳيو ئي رويو اختيار ڪندي ڳالھين ذريعي مطالبا حل ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري پريس ڪلب تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ حاجي شفيع محمد سٺيو۔سڪندرعلي جتوئي وٽ پھتو۔ جتي به کين پنج سال اڳ وارو ڳالھيون ڪرڻ جو لولي پاپ استادن کي ٻڌڻ لا۽ مليو۔جيڪو لولي پاپ ٻڌڻ نصيب ٿيو۔سنڌ صوبي جي ٻين کاتن لوڪل گورنمينٽ۔تعليم کاتو۔آبپاشي۔پوليس۔صحت سميت سڀني کاتن جي ملازمن کي سروس اسٽرڪچر تحت ترقيون ۽ پروموشن ملن ٿا۔نٿو سروس اسٽرڪچر ملي ته اھو صرف ئي صرف پرائمري استاد ئي آھي۔لوڪل گورنمينٽ ۾ سوئيپرڀرتي ٿيل ٽائون آفيسر بنجي ويا۔آبپاشي کاتي ۾ بيلدار سب داروغا۔خلاصي۔ٽنڊيل تعليم مطابق اسسٽنٽ انجيئر۔تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل پٽيوالا اسسٽنٽ ٿي ويا۔ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ ڀرتي ٿيل ٻيا ملاز ب تعليمي قابليت مطابق ترقيون ماڻي رھيا آھن۔تعليم کاتي ۾ سيڪنڊري سائيڊ تي ڀرتي ٿيل استاد ۽ ملازم ب سروس اسٽرڪچر تحت اڳتي وڌي رھيا آھن.
اسان کي اھا شڪايت ناهي ته ٻين ملازمن کي سروس اسٽرڪچر تي اعتراض آھي۔اھو بلڪل غلط آھي. اھي به سرڪاري ملازم آھن سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشن به سندن حق آھي جيڪو کين ملڻ گھرجي. سنڌ جي مختلف ضلعن کان پھتل پرائمري استاد مٿين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پ۔ٽ۔الف جي اڳواڻ حاجي شفيع محمد سٺيو۔سڪندرعلي جتوئي جي اڳواڻي ۾ استادن سميت ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٽن ڏينھن کان ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن ته ھاڻي ڳالھين وارو لولي پوپ نه ٻڌنداسين ھاڻي صرف ئي صرف مطالبن جي مڃتا جا نوٽيفڪيشن گھرجن يا پنھنجو حق وٺنداسين يا مرنداسين۔ پر پوئتي نه ھٽنداسين.
سنڌ صوبي ۾ مسلسل پندرھن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي. جنھن جا دعوا آھي ته اسان عوام جا ھمدرد ۽ ھڏڏوکي آھيون. ٻين صوبن ۾ جيڪي ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندا آھن. اتان جي صوبائي يا وفاقي حڪومت جيڪڏهن ملازمن تي لاٺي چارج تشدد ڪندي آھي۔ ته فوري طور تي پ۔پ۔پ جي قيادت کان عام ڪارڪنن تائين مذمت ۽ حمايت جو ممڻ مچي ويندو آھي۔ پر سنڌ ۾ ھنن جي پنھنجي حڪومت ھوندي پرائمري استاد جيڪي تعليم جو بنياد وجھن ٿا تن جا جائز مطالبا جن کي صوبائي وزيرتعليم سيد سردارعلي شاھ۔سيڪريٽري تعليم جائز مڃي گڏجاڻين توڙي ميڊيا اڳيان جائز تسليم ڪري چڪا آھن ت پوءِ آخر انھن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ ڇو ديرپيا ڪن۔منھنجي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزي رتعليم سيد سردار علي شاهه کي گذارش آھي ته پرائمري استادن جا مسئلا فوري طور نوٽيس وٺي نوٽيفڪيشن جاري ڪرائي پرائمري استادن ۾ پکڙيل بيچيني ۽ ماٽيلي ماء واري سلوڪ جو تاثر جيڪو ذھنن ۾ پيدا ٿي رھيو آھي اھو ختم ڪرايو۔