اسلام آباد(م ڊ) نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد بٽ چيو آهي ته ڪشمير جي زمين کان وڌيڪ ڪراچي ۾ زمين جو مسئلو آهي، سنڌ ۾ لينڊ رڪارڊ سسٽم ناهي، جلد سنڌ ۾ لينڊ رڪارڊ بابت وڏي ڪارروائي ڪئي ويندي، نيب چيئرمين چيو ته بلڊرز جا ڪيترائي مسئلا آهن، سمورا نقطا نوٽ ڪيا ويا آهن، نيب ادارو بلڊرز سان گڏ بيٺل آهي، نيب جي ضابطن ۾ سڌارا آندا ويا آهن، نيب ۾ ڪهڙا ڪيس داخل ٿيندا، ان جو سسٽم اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻين ادارن ۾ داخل ٿيڻ واريون 85 سيڪڙو شڪايتون نيب ۾ داخل ٿين ٿيون، اهي ناملوم هونديون آهن، جيڪڏهن توهان نيب جي اداري تي اعتماد ڪندا ته ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي، نيب جو نوٽيس قانون موجب هوندو آهي، ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، نيب پاران ٿيل زيادتي تي آباد کان معافي وٺان ٿو، نيب چيئرمين چيو ته سنڌ جي زمينن ۾ وڏو فراڊ ٿي رهيو آهي، ڪراچي ۾ 7500 ايڪڙ زمين جي ڪاغذن ۾ جعلسازي ڪئي وئي، جنهن جي ماليت 3 کرب رپيا آهي، جيڪڏهن اهي 7500 ايڪڙ زمين جا فائل کلندا ته افراتفري مچي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڪشمير جي زمينن کان به وڌيڪ زمينن جو مسئلو آهي، سنڌ جي زمينن ۾ رڪارڊ سسٽم ناهي، لينڊ ڊپارٽمينٽ جا جا ڌار ڌار کاتا ڪنهن سان به لنڪ ۾ ناهن، جلد سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ بابت وڏو ايڪشن ورتو ويندو، نذير احمد بٽ وڌيڪ چيو ته ايل ڊي اي، ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي بابت آباد رپورٽ پيش ڪري، ايڪشن وٺندس، افسوس جي ڳالهه آهي ته ايل ڊي اي، ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي 40 سالن کان پنهنجي الاٽيز کي قبضو ناهي ڏنو، ٺوس ثبوتن تي ايل ڊي اي، ڪي ڊي اي ۽ ايم ڊي اي خلاف سوموٽو ورتو ويندو، آباد ثبوت ڏي، غيرقانوني عمارتن کي قانون موجب ڊاٿو ويندو، في الحال نسلا ٽاور جهڙي بريڪنگ ناهي، ضمانت ڏيان ٿو ته ڪراچي ۾ ڪو به نسلا ٽاور جهڙو واقعو وري نه ٿيندو، نيب چيئرمين نذير احمد بٽ ڪراچي ماسٽر پلان جو جائزو وٺي ڊي جي نيب کي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي واپاري برادري کي به يقين ڏياريو ويو آهي ته انصاف ڪيو ويندو، گوادر ۾ به زمين ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، جتي به 3 کرب رپين جي زمينن جا ڪيس داخل آهن، ريئل اسٽيٽ سيڪٽر لاءِ نئين پاليسي جوڙي پئي وڃي، ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ هر قسم جي ادائيگي بئنڪن ذريعي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت جلد فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ وڏي پيماني تي سڌارا آڻي رهي آهي، نيب ۾ ڪيترن ئي آفيسرن جي ڪرپشن ڪيسن جي جاچ هلي رهي آهي، نيب ۾ انفرادي ڪرپشن هاڻي ممڪن ناهي، وڌيڪ سڌارا هلي رهيا آهن.