اسلام آباد(فخردراني) گذريل ڏينهن سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي، ان دوران ڪجه صحافي دوستن رپورٽ ڪيو ته هڪ ٻئي مٿان فائيلون اڇلايون ويون ۽ سخت ٻولي ڳالهائي وئي آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور ۽ جسٽس اطهر من الله هڪ ئي چيمبر ۾ هوندا هئا ۽ اهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دوست به آهن. لاپريڪٽس به گڏ ڪندا هئا. صحافي دوستن جي خبر مطابق ته هاڻي جسٽس يحيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاه ۾ دوستي جو باب هاڻي بند ٿي ويوآهي عدليه اندر اڳ ۾ لڪل سياست ٿيندي هئي هاڻي اها پڌري پٽ ٿي رهي آهي.جسٽس منصور جا 26هين آئيني ترميم تي اعتراض هوندا پر جيستائين اها آئين جوحصو آهي جسٽس منصور ان تي عمل جو پابند آهي. جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٽن صوبن جي هائي ڪورٽس جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي منظور ڏني وئي.جسٽس گل حسن کي ايڪٽنگ جج مقرر ڪيو ويوآهي،ذريعن مطابق هن جا عمر ايوب سان رابطا به هئا جنهن جي ڪري کيس فل جج نه بڻايو ويو. اسٽيبلشمنٽ هجي يا موجوده سرڪار جيڪي جج کين سوٽ ڪندا انهن کي ئي اڳتي آندو ويندو.