گريڊ 17 کان 22 تائين وارا آفيسر جلد قانون جي پڪڙ ۾ ايندا ؟

اسلام آباد(منصورعلي خان) ڪرپشن انڊيڪس رپورٽ جي ڪري حڪومت مٿان تنقيد تيز ٿي وئي آهي.ٽرانسپيرنسي انٽرنيشل پاران اها رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي،رپورٽ آڌار پاڪستان 2 نمبر هيٺ ڪرڻ بعد 135 نمبر تي اچي ويوآهي.پاڪستان جي درجي بندي 8 مختلف ذريعن جي آڌار تي ڪئي وئي آهي.2022 ۾ پاڪستان جي ڪرپشن  پرسيپشن انڊيڪس جي درجي بندي 29 هئي هاڻي اها 27 ٿي وئي آهي.اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي انڊيڪس بدستور 21 رهي آهي. ڪاروبار لاءِ رشوت ڏيڻ جي انڊيڪس 35 مان 32 ٿي وئي آهي.اهڙي رپورٽ تحريڪ انصاف جي سرڪار دوران به آئي هئي ۽ ان جو دفاع ڪندي هنن چيو هيو ته اها پرسيپشن آهي ان سان فرق نه ٿو پوي.ان وقت جي مخالف ڌر ن ليگ پاران آسمان مٿي تي کنيو ويو هيو ته ڏسو حڪومت ڪيتري ڪرپشن ڪري رهي آهي.هاڻي هن رپورٽ تي ٻئي ڌريون ماضي جي ڀيٽ ۾ رد عمل مختلف ڏينديون.ان رپورٽ مطابق اسان وٽ ڪرپشن وڌي آهي جيڪا هر اداري ۽ حڪومت لاءِ شرم جوڳي ڳاله آهي.هڪ ٻي خبر مهتاب حيدر ڏني آهي ته آئي ايم ايف پاران حڪومت کي چيو ويوآهي ته اها جلد اهڙي قانونسازي ڪري جنهن سان گريڊ 17 کان 22 تائين جي اعليٰ سرڪاري عهديدارن جا اثاثا پڌرا ڪيا وڃن.اها سٺي خبر آهي بلڪ ٿيڻ ائين گهرجي ته انهن جا ملڪ اندر ۽ٻاهر جيڪي اثاثا آهن سڀ ظاهر ٿيڻ گهرجن.ممڪن آهي ته اها قانونسازي هلندڙ مهيني جي آخري ڏينهن ۾ ٿي وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.