اسلام آباد (م ڊ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس 2024 جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي. ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جي درجي بندي ۾ پاڪستان هيٺ اچي ويو آهي. پاڪستان جي درجي بندي 27 ٿي وئي جيڪا 2023 ۾ 29 هئي، ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ هيٺ لهڻ کانپوءِ هاڻي پاڪستان 135هين نمبر تي اچي ويو آهي. ڪرپشن ۾ پاڪستان جي درجي بندي 8 مختلف ذريعن وٽان حاصل ڪيل ڄاڻ تي ڪئي وئي، 2023 ۾ پاڪستان جو ڪرپشن انڊيڪس ۾ مجموعي اسڪور 233 هو جيڪو 2024 ۾ 216 ٿي ويو جڏهن ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙ عهديدارن خلاف قانوني ڪارروائي يا سزا جو انڊيڪس اسڪور بدستور 21 رهيو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ عوامي وسيلن جي غلط استعمال ۽ ان بابت انڊيڪس جو اسڪور 20 مان گهٽجي 18 ٿي ويو، ڪاروبار لاءِ رشوت ڏيڻ يا ڪرپٽ پريڪٽس کي منهن ڏيڻ جو اسڪور 35 مان گهٽجي 32 ٿي ويو ۽ سياسي نظام ۾ ڪرپشن جو انڊيڪس 32 مان وڌي 33 ٿي ويو. حڪومتي ادارن ۽ سرڪاري ملازمن جي جوابده هجڻ، بااثر گروهن جي رياست تي قبضي جو انڊيڪس 35 مان وڌي 39 ٿي ويو، ڪرپشن جي ڪري عوامي فنڊ ماڻهن يا ڪمپنين کي ڏيڻ جو انڊيڪس 45 مان گهٽجي 33 تي اچي ويو. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چيو ته ايگزيڪيوٽو، عدليه، ملٽري ۽ قانون سازن جو ذاتي مقصدن لاءِ سرڪاري وسيلن جي استعمال جو اسڪور 25 مان وڌي 26 ٿي ويو، پبلڪ سيڪٽر، انتظاميا، عدليا ۽ قانون سازي ۾ ڪرپشن جو اسڪور 20 مان گهٽجي 14 ٿي ويو. ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس موجب ڊنمارڪ بدستور پهرئين، فن لينڊ ٻئي ۽ سنگاپور ٽئين نمبر تي آهي، هن جو مطلب انهن ۾ ڪرپشن ناهي يا بلڪل گهٽ آهي. جڏهن ته آمريڪا هيٺ اچي 28هين نمبر تي اچي ويو. ڀارت 96هين، ترڪيه 107هين، بنگلاديش 151هين ۽ افغانستان 165هين نمبر تي آهن.