ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جسقم آريسر جو لانگ مارچ حيدرآباد پهتو،شاندار آجيان

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ(آريسر) پاران سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ، گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زميون سگهاري اداري حوالي ڪرڻ، سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جيآبادڪاري، سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين، سنڌ ۾ وڌندڙ مذھبي انتهاپسندي ۽ تعليمي ادارن اندر فورسز جي مداخلت خلاف سکر کان شروع ڪيل پنڌ لانگ مارچ جسقم چئيرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پهتو. مارچ مٽياري مان نڪري هٽڙي باءِ پاس کان حيدرآباد شهر ۾ داخل ٿيو، جيڪو شهر جي مختلف علائقن اسريٰ يونيورسٽي، هالاناڪو، صائمه پلازه، ڪاري موري، سينٽرل جيل، سٽي گيٽ، ٽاور مارڪيٽ، لبرٽي چوڪ ۽ تلڪ چاڙهي کان ٿيندو حيدرآباد پريس ڪلب پهتو، جتي جلسو منقعد ڪيو ويو. نعرن جي گونج ۾ پيادل مارچ جي پانڌيئڙن جي حيدرآباد ۾ مختلف چوڪن ۽ چوراهن تي گلن جي ورکا سان ڀرپور آجيان ڪئي وئي، جيئن ئي قافلو هٽڙي باءِ پاس کان نڪتو ته سوين قومپرست سياسي ڪارڪن، وڪيل، اديب، ليکڪ ۽ شهري قافلي سان شامل ٿي ويا. سکر کان پنڌ مارچ ڪندڙ ۾ جسقم جو سينيئر وائيس چيئرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي، جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا، وحيد سنڌي، امير باغي، سرمد ميراڻي، جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ ڪرن نظاماڻي، شبير لغاري ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته حيدرآباد ۾ قافلي جي استقبال جي لاءِ جيئي سنڌ تحريڪ جو چيئرمين سورهيه سنڌي، ناميارو اديب تاج جويو، وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليه بخشل، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش سولنگي، زاهد سومرو، نويد جروار، صدام خاصخيلي، مولابخش محبتي، نذير ملڪاڻي ۽ شاڪر عزيز سيتائي  سميت سوين ماڻهو پهتا. ان موقعي تي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته پنجاب سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ درياهه تي قبضي جي لاءِ نئين سري سان رٿا بندي ڪري اڳتي وڌي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي، وسيلا ۽ درياهه بچائڻ جي لاءِ پارٽين ۽ نظرين کان هٽي ڪري اڳتي اچڻو پوندو. سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏجڻ کابپوءِ سنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ جي ڦڙي جي لاءِ تڙپندا، سنڌ کي قبرستان ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪئنالن خلاف جدوجهد پنهنجي جياپي جي لاءِ آهي. هن چيو ته پيادل مارچ ڪرڻ دوران سنڌ جي ڪري ئي پيار ۽ محبت ملي رهي آهي. هن قافلي ۾ اهي پانڌيئڙا به شامل آهن جن جا ڀاءُ، معصوم ٻارڙا، نياڻيون ۽ ٻيا مٽ مائٽ پويان فوت ٿي ويا، پر هو هن قافلي ۾ شريڪ آهن. هي مارچ شروع ٿيندي ئي خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي قومي ڪارڪنن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون. جهنڊا لاهي چاڪنگ ڊاٿي وئي. پر تنهن هوندي به سوين ماڻهن مختلف هنڌن تي هن قافلي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته اسان جياپي جي لاءِ نڪتا آهيون. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمينون سنڌ جي غريب هارين ۽ مزدورن کي ڏيڻ بجاءِ سگهارن ادارن حوالي ڪيون پيون وڃن.. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو بي رحماڻو قتل سنڌ ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏيڻ جو هڪ مثال آهي، پر هي حڪمران ان ظلم خلاف احتجاج ڪرڻ به نٿا ڏين. جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي چيو ته 28 جنوري کان شروع ٿيل هي مارچ نتيجا ڏيندو. پنجاب مقامي غدارن جي آڌار تي سنڌو درياهه تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي چيو ته  هن قافلي جي پانڌيئڙن سنڌ جي لاءِ پنڌ ڪيو آهي ۽ اهو پنڌ سجايو ٿيندو.سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد چيو ته سنڌ جا ماڻهو واضح ڪري چڪا آهن ته ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. سنڌو درياهه کسي هو سنڌي قوم جو قتلام ڪرڻ گهرن ٿا. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين کائي ويو آهي. ڊيلٽا تباهه ٿي چڪو آهي. هاڻ هو سڄي سنڌ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليا بخشل چيو ته سامراج ۽ استحصال ڪندڙن جي ڪا به قوم ناهي هوندي.ايس يو پي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ياسمين ٿيٻو چيو ته پنجاب سان گڏ سنڌ حڪومت به سنڌو درياهه کسڻ واري سازش ۾ شريڪ آهي.سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سورٺ سنڌو چيو ته سنڌو درياهه تي حملن ۽ سنڌ جي پاڻي چوري جي ڊگهي تاريخ آهي،  پنجاب ڪيترن ئي ورهين کان سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪندو پيو اچي.هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ احمد نواز چيو ته هن قافلي ۾ پنڌ هلندڙن جي هڪ هڪ وک قوم جي بقاءَ ۽ جياپي جي لاءِ آهي. وڪيل اڳواڻ ستار سرڪي چيو ته هن قافلي سڄي سنڌ جي ماڻهن کي بيدار ڪيو آهي جمهوريت ۽ مذهب جي نالي ۾ سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي، سنڌ جا ڀوتار، سردار ۽ وڏيرا ان ڦرلٽ ۾ شريڪ آهن. پيادل مارچ ۾ شامل رهندڙ عورت اڳواڻ ڪرن نظاماڻي چيو ته هي قافلو اهو پيغام کڻي نڪتو آهي ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي زمين تي پنجاب جو قبضو پيو ٿئي جساف صدر اسد سنڌيار چيو ته حيدرآباد واسين اڄ پنهنجو پاڻ ملهائي هن قافلي جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي. ان موقعي تي جسقم انساني حقن جي شعبي جي سربراهه علي چانڊيو، سرمد ميراڻي، صحافي نعمت کهڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هن قافلي ۾ شريڪ ماڻهن وٽ زمين جو هڪ ايڪڙ به ناهي، پر پوءِ به هو سنڌ جو ڪيس کڻي سکر کان نڪتا آهن. پر جيڪي سردار، وڏيرا ۽ ڀوتار سوين ۽ هزارين ايڪڙ زمين رکن ٿا اهي سنڌو درياهه کي وڪرو ڪرڻ واري ڪم سان لڳل آهن. پيادل قافلو پريس ڪلب کان قاسم آباد ڏانهن روانو ٿيو، جتي رات ترسڻ کانپوءِ صبح جو ٻيهر پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيندو.

  1. سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا

حيدرآباد: جسقم جو پيادل مارچ جڏهن شهر ۾ داخل ٿيو ته قومي ڪارڪن “درياهه بچاني نڪلي هين، آئو هماري ساٿ چلو”  جهڙن نعرن سان اردو ڳالهائيندڙن سان به مخاطب ٿيا، قومي ڪارڪنن جا اهي نعرا دڪاندارن ۽ واپارين جي توجه ڇڪائي رهيا هئا. ان سان گڏوگڏ هنن“سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، ڊيم سمورا نامنظور، سنڌوءَ خاطر جهيڙو آ، پاڻيءَ خاطر جهيڙو آ، جاري آهي، جاري رهندي جنگ اسان جي جاري رهندي، مذهبي انتهاپسندي نامنظور، زمينن جي نيلامي نامنظور” جهڙا زوردار نعرا هنيا.

  1. قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا پير پٿون

حيدرآباد: قافلي ۾ شامل مسلسل پنڌ ڪندڙ قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا پير پٿون ٿيل هئا ۽ سندن پيرن کي پٽيون ٻڌل هيون، جنهن ڪري کين هلڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي،  پر سندن حوصلا بلند نظر آيا. ڪيترن ئي ماڻهن قافلي جي پانڌيئڙن کي اجرڪون ۽ گلن جا هار پارائي سندن مٿان گلن جي ورکا ڪئي.

  1. عبدالواحد آريسر جي نياڻي اندرا به قافلي ۾ شريڪ

حيدرآباد: جسقم جي باني اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي نياڻي اندرا به حيدرآباد ۾ پيادل قافلي ۾ شريڪ ٿي، جڏهن ته شهر جي مختلف هنڌن تان عورتون به قافلي ۾ شامل ٿي ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.