اسلام آباد (بيورو رپورٽ/ م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي رمارڪس کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو. اسيمبلي اجلاس دوران اسپيڪر اياز صادق جج جي بيان تي رولنگ ڏيندي چيو ته اهو پارليامينٽ تي حملو آهي، ڪنهن کي به پارليامينٽ بابت بيان ڏيڻ جو حق ناهي. هن وفاقي قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل جج تائين هي پيغام پهچائي ته پارليامينٽ سپريم آهي. اسپيڪر وڌيڪ ٻڌايو ته اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت حڪومت ۽ اپوزيشن ڏانهن ڌار ڌار خط لکي ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن کي روڪڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته عدليا، پارليامينٽ ۽ انتظاميه سميت سڀئي ادارا ڪمزور ٿي چڪا آهن، عدليا به مشڪل ۾ آهي، پر ان باوجود اسين مايوس نه آهيون.